099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
99:1
اِذَا
جڏهن
زُلْزِلَتِ
ڌوڏي ويندي
الْاَرْضُ
ڌرتي
زِلْزَالَهَا Ǻ ۙ
پنهنجي پوري ڌوڏي سان.
99:2
وَ
۽
اَخْرَجَتِ
ڪڍي ٻاهر ڪندي
الْاَرْضُ
زمين
اَثْقَالَهَا Ą ۙ
پنهنجا بارَ.
99:3
وَ
۽
قَالَ
چوندو
الْاِنْسَانُ
انسان
مَا
ڇا ٿيو
لَهَا Ǽ ۚ
هن کي؟
99:4
يَوْمَىِٕذٍ
ان ڏينهن
تُحَدِّثُ
هوءَ بيان ڪندي
اَخْبَارَهَا Ć ۙ
پنهنجا قصا.
99:5
بِاَنَّ
انهيءَ ڪري جو بيشڪ
رَبَّكَ
تنهنجو ربّ
اَوْحٰى
(اهڙو) حڪم ڪندو
لَهَا Ĉ ۭ
انهيءَ کي.
99:6
يَوْمَىِٕذٍ
ان ڏينهن
يَّصْدُرُ
موٽندا
النَّاسُ
ماڻهو
اَشْتَاتًا ڏ
ڌار ڌار ٽولين ۾
لِّيُرَوْا
ته جيئن هو ڏيکاريا وڃن
اَعْمَالَهُمْ Č ۭ
پنهنجا اعمال.
99:7
فَمَنْ
پوءِ جيڪو
يَّعْمَلْ
ڪندو
مِثْقَالَ ذَرَّةٍ
ذري جيتري به
خَيْرًا
نيڪي
يَّرَهٗ Ċ ۭ
(ته) اهو اها ڏسندو
99:8
وَ
۽
مَنْ
جيڪو
يَّعْمَلْ
ڪندو
مِثْقَالَ ذَرَّةٍ
ذري جيتري به
شَرًّا
بڇڙائي
يَّرَهٗ Ď ۧ
(ته) اهو به ڏسندو اها.