سنڌسلامت پيغامِ قرآن ٽيم ھنن محسنن جو مشڪور آھي جن وقت بوقت پيغامِ قرآن ۾ اسان سان سھڪار ڪيو
26 سيپٽمبر 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ جب سوڀي گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو ۽ مظهر ميمڻ سنڌيڪا اڪيڊمي جي شايع ٿيل، پهرين ٽن ڪتابن جي گڏيل پڌرائي ڪئي ته ان وقت سنڌيڪا اڪيڊمي جي بانيڪار نور احمد ميمڻ سنڌ جي ماڻهن کي برطانيا جي “برٽينيڪا” جي طرز تي هڪ جديد علمي ۽ شعوري اداري جي قائم ڪرڻ جي خوشخبري ڏني. بانيڪار جي طرفان ان وقت چيو ويو ته سنڌيڪا، سنڌ جي قومي وجود جي سگهاري تسلسل لاءِ ٿيندڙ گهڻ طرفي جاکوڙ جو آزادانه ۽ اڻ ڌريو محاذ آهي، جيڪو ڪنهن به تفريق ۽ تعصب کان هٽي ڪري سنڌين جي علمي، ادبي، شعوري، نفسياتي، سائنسي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ خالص علمي بنيادن تي پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪندو. هي به چيو ويو ته سنڌيڪا جو مقصد آهي: سنڌين جي ڏاهپ جي سرچشمن جي مسلسل ۽ مستقل وهڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، ته جيئن مختلف علمي ۽ شعوري ميدانن ۾ سنڌ واسين کي اڳتي وڌڻ لاءِ نه فقط اتساه پر پليٽ فارم پڻ دستياب ٿي سگهي.
سنڌيڪا اڪيڊمي ان کانپوءِ مسلسل ڪتابن جي ڇپائيءَ جو سلسلو جاري رکيو ۽ سنڌ شناسي، لطيفيات، بايوگرافي، يادگيريون، اخلاقيات، ڏاهپ، فلسفو، ادب، عالمي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، سياسي ادب، سماجيات، تحقيق ۽ تنقيد، لسانيات، سائنٽولاجي، سيلف ڊولپمينٽ، نفسيات، صحت، تعليم، فڪشن، ٻارن لاءِ ڪتاب، گرامر، ڊڪشنريون، تعليمي مددگار مواد، ڪيريئر پلاننگ، رليجن، سيرت النبي ۽ قرآنيات تي شاهڪار ڪتاب ڇپيا ويا.
قرآنيات سيريز جا هيٺيان ترجما ۽ تفسير ڇاپي پڌرا ڪيا ويا:
1- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: علامه علي خان ابڙو
2- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: مولانا محمد مدني
3- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: حضرت مولانا تاج محمد امروٽي
4- قرآن مجيد جو ٻٽو ترجمو (رنگين ڇاپو) مترجم: مولانا امروٽي ۽ مولانا ٻير وارو
5- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: مولانا احمد ملاح
6- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
7- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: مولانا عبدالرحيم مڱسي
8- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير شريف
9- قرآن مجيد (ترجمو) مترجم: حضرت مولانا عبدالصمد هاليجوي
10- تفسير عثماني مترجم: مولانا عبدالله انڍڙ
11- تفسير المنير مترجم ۽ مفسر علامه علي خان ابڙو
12- تفسير سهل البيان مترجم ۽ مفسر مولانا مفتي الوهاب چاچڙ
13- تفسير مفتاح رشد الله مترجم ۽ مفسر پير سائين رشيد الدين شاهه بيعت ڌڻي
14- تفسير تنوير الايمان مترجم ۽ مفسر مولانا مخدوم محمد عثمان نورنگ زاده
15- تفسير تذڪير القرآن مترجم ۽ مفسر مولانا وحيد الدين خان
16- ائين چيو الله (سمجهاڻي) مترجم: علامه علي خان ابڙو
17- البرهان (سمجهاڻي) مترجم: محمد عثماني ڏيپلائي
18- قرآن مجيد (ترجمو تحت اللفظ) مترجم: مولانا عبدالسلام سومرو (ايڊووڪيٽ)
19- قرآن مجيد جو ٻٽو ترجمو (رنگين ڇاپو) مترجم: مولانا امروٽي ۽ مولانا عبدالسلام سومرو
021-32737290, 0313-2707097, 03133894764
هتي هڪ دفعو وري سمورن سنڌين کي گذارش آهي ته توهان به هن ڪارِ خير ۾ حصو وٺي آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ توهان هيٺين طرح مدد ڪري سگهو ٿا :
رابطي لاءِ برقي پتو: salamatsindh@gmail.com