توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 1) |
سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.(علامه تاج محمود امروٽي) خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (يعني سهڻين ۽ چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي) جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.(علامه علي خان ابڙو) سڀئي تعريفون الله تعالى لاء آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سڀ حمد فقط الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار(سيد فرمان علي) سڀ ساراهه (ثابت) آهي الله جي لاءِ جيڪو پالڻهار جهانن جو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڳائي جبار کي، سَڀڪائي ساراه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(جو) ٻاجھارو مھربان.(علامه تاج محمود امروٽي) ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) نهايت مهربان ٻاجھارو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وڏو مهربان نهايت رحم وارو(سيد فرمان علي) گهڻو مہربان هميشہ رحم ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) (جو) وڏومهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پالڻهار پرٿڻين، هردم هميشاه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مٰلِكِ يَومِ الدّينِ (آيت : 3) |
قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).(علامه تاج محمود امروٽي) انهي ڏينهن جو مالڪ آهي، جنهن ڏينهن ماڻهن کي سندن ڪمن جو بدلو ملندو.(علامه علي خان ابڙو) مالڪ آهي ڏينهن قيامت جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو (بدلي ڏيڻ واري) ڏينهن قيامت جو مالڪ آهي(سيد فرمان علي) مالڪ آهي ڏينهن جزا جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) بدلي واري ڏينهن جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سخي سٻاجھو گھڻو، مالڪ محشرگاه(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِيّاكَ نَعبُدُ وَإِيّاكَ نَستَعينُ (آيت : 4) |
تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا(علامه تاج محمود امروٽي) (اي خدا) اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ فقط توکان مدد گهرون ٿا.(علامه علي خان ابڙو) خاص تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ خاص توکان مدد وٺون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي الله) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا(سيد فرمان علي) خاص تنهنجي ٿا عبادت ڪيون ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا . .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) (اي الله!) اسان تنهنجي ئي بندگي ڪيون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توئيِ پوڄيون، توهان ئي پنون حِمايت هرگاه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اهدِنَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 5) |
اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي خدا) اسان کي (سعادت) جي سڌي واٽ ڏيکار.(علامه علي خان ابڙو) اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ثابت قدم رک اسان کي واٽ سڌيءَ تي(سيد فرمان علي) هلاءِ اسان کي واٽ سڌيءَ تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) اسان کي سڌي رستي سان هلاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُهائيون سَئـِين واٽڙي، واٽ اُنهن جي واه!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
صِرٰطَ الَّذينَ أَنعَمتَ عَلَيهِم (آيت : 6) |
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ماڻهن جي واٽ (ڏيکار) جن تي تو نعمتون ڪيون.(علامه علي خان ابڙو) رستو انهن ماڻهن جو جن تي تو نعمت ڪئي آهي (علامه عبدالوحيد جان سرهندي) واٽ انهن جي جن کي تو نعمت عطا ڪئي (سيد فرمان علي) واٽ انهن جي جو نعمت ڪئي تو انهن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) (يعني) انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن کي توڙان توڙ ڪئيِ نِعمتون نيباه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
غَيرِ المَغضوبِ عَلَيهِم وَلَا الضّالّينَ (آيت : 7) |
انھن جي (واٽ) جن تي ( تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).(علامه تاج محمود امروٽي) انهن جي واٽ جن تي غضب پيو، ۽ نه انهن جي راھ جي گمراھ ٿيا ۽ واٽ ڀلجي ويا.(علامه علي خان ابڙو) نه انهن جورستو جن تي تون ناراض آهين ۽ نه گمراهن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نه (واٽ انهن جي) جن تي ڏمر ٿيو ۽ نه (واٽ) انهن جي جيڪي گمراھ ٿيا.(سيد فرمان علي) نه انهن جي (واٽ) جن تي غضب ڪيل آهي ۽ نه گمراهن جي (واٽ) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (مولانا محمد مدني) نه انهن ماڻهن جو (رستو) جن مٿان ڏمر ٿيل آهي، ۽ نه گمراهن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن تي ڪاوڙ ناهِ ڪا، ۽ نه گَس ڪنان گمراه، آمين يا الله! اِهو عرض اگھائيِـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |