001 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۙ
سڀ ساراهه (ثابت) آهي الله جي لاءِ جيڪو پالڻهار جهانن جو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڀ تعريفون الله جي واسطي آهن، جو جهانن جو پاليندڙ
— مولانا محمد مدنيسڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، (جيڪو) سمورن جھانن جو پالڻھار آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 3ۙ
گهڻو مہربان هميشہ رحم ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوڏو مهربان نهايت رحم وارو.
— مولانا محمد مدنيبيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽومٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ 4ۭ
مالڪ آهي ڏينهن جزا جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريحساب جي ڏينهن جو مالڪ آهي.
— مولانا محمد مدنيبدلي ڏيڻ واري ڏينھن (يعني قيامت) جو مالڪآهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ 5ۭ
خاص تنهنجي ٿا عبادت ڪيون ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا . .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي الله!) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
— مولانا محمد مدني(اي الله!) اسين تنھنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ 6ۙ
هلاءِ اسان کي واٽ سڌيءَ تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياسان کي سڌو رستو ڏيکار!
— مولانا محمد مدني(اي الله!) اسان کي سڌو رستو ڏيکار.
— عبدالسلام ڀُٽوصِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ ۹
واٽ انهن جي جو نعمت ڪئي تو انهن تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن جو رستو، جن تي تو فضل ڪيو
— مولانا محمد مدنيانهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام فرمايو،
— عبدالسلام ڀُٽوغَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ 7ۧ
نه انهن جي (واٽ) جن تي غضب ڪيل آهي ۽ نه گمراهن جي (واٽ) .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجن تي نه ته تنهنجي ڪاوڙ ٿيل آهي ۽ نه انهن کان رستو گم ٿي ويو آهي.
— مولانا محمد مدني(اهي ئي ماڻهو آهن) جن تي نه ته تنھنجوڏمر آهي ۽ نه ئي اهي گمراهيءَ جي رستي تي آهن.(آمين)
— عبدالسلام ڀُٽو