008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
8:1
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ
(اي محمدؐ !) توکان پڇن ٿا
عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ
غنيمت جي مال بابت.
قُلِ
چئه ته
الْاَنْفَالُ
غنيمتون
لِلّٰهِ
الله
وَ
۽
الرَّسُوْلِ ۚ
ان جي رسول لاءِ آهن
فَاتَّقُوا اللّٰهَ
پوءِ الله کان ڊڄو
وَ
۽
اَصْلِحُوْا
توهان اصلاح ڪريو
ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠
پنهنجو پاڻ ۾
وَ
۽
اَطِيْعُوا اللّٰهَ
الله جي فرمانبرداري ڪريو
وَ
۽
رَسُوْلَهٗٓ
سندس رسول جي
اِنْ
جيڪڏهن
كُنْتُمْ
آهيو توهان
مُّؤْمِنِيْنَ Ǻ
ايمان وارا.
8:2
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ
سچا مؤمن ته فقط
الَّذِيْنَ
اُهي آهن جو
اِذَا
جڏهن
ذُكِرَ اللّٰهُ
الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو
وَجِلَتْ
(ته) ڊڄن ٿيون
قُلُوْبُهُمْ
سندن دليون
وَ
۽
اِذَا
جڏهن
تُلِيَتْ
پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون
عَلَيْهِمْ
کين
اٰيٰتُهٗ
ان جون آيتون
زَادَتْهُمْ
ته اهي (آيتون) وڌا ئين ٿيون انهن جو
اِيْمَانًا
ايمان
وَّ
۽
عَلٰي رَبِّهِمْ
پنهنجي پاليندڙ تي ئي
يَتَوَكَّلُوْنَ Ąښ
اهي ڀروسو ڪن ٿا.
8:3
الَّذِيْنَ
اُهي جيڪي
يُقِيْمُوْنَ
قائم ڪن ٿا
الصَّلٰوةَ
نماز
وَ
۽
مِمَّا
ان مان جيڪو
رَزَقْنٰهُمْ
رزق اسان کين ڏنو آهي
يُنْفِقُوْنَ Ǽۭ
اهي خرچ ڪن ٿا.
8:4
اُولٰۗىِٕكَ
اهي ئي آهن
هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ
مؤمن
حَقًّا ۭ
سچا.
لَهُمْ
انهن لاءِ
دَرَجٰتٌ
درجا آهن
عِنْدَ رَبِّهِمْ
سندن ربّ وٽ
وَ
۽
مَغْفِرَةٌ
بخشش آهي
وَّ
۽
رِزْقٌ كَرِيْمٌ Ćۚ
عزت ڀريو رزق.
8:5
كَمَآ
جيئن
اَخْرَجَكَ
وٺي آيو (احد جي ڏينهن)
رَبُّكَ
تنهنجو پالڻهار
مِنْۢ بَيْتِكَ
تنهنجي گهر مان
بِالْحَقِّ ۠
حق سان
وَ
۽
اِنَّ
بيشڪ
فَرِيْقًا
هڪ جماعت
مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ
مؤمنن مان به
لَكٰرِهُوْنَ Ĉۙ
البت ان کي ناپسند ڪندڙ هئي
8:6
يُجَادِلُوْنَكَ
هنن تو سان جهڳڙو پئي ڪيو
فِي الْحَقِّ
حق (ڳالهه) ۾
بَعْدَمَا
پوءِ ان کان جو
تَبَيَّنَ
اهو پڌرو ٿي ويو هو
كَاَنَّمَا
ڄڻ ته
يُسَاقُوْنَ
هو هڪليا پيا وڃن
اِلَى الْمَوْتِ
موت ڏانهن
وَ
۽
هُمْ
هو
يَنْظُرُوْنَ Čۭ
(ان کي) ڏسي رهيا هجن
8:7
وَ
۽
اِذْ
جڏهن
يَعِدُكُمُ
توهان سان وعدو ڪري رهيو هو
اللّٰهُ
الله
اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ
ٻن گروهن مان هڪ جو
اَنَّهَا
ته پڪ اهو
لَكُمْ
توهان لاءِ آهي
وَ
۽
تَوَدُّوْنَ
توهان گهريو ٿي
اَنَّ
ته
غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ
جيڪو بي هٿيار گروهه آهي
تَكُوْنُ
اهو ئي هجي
لَكُمْ
توهان لاءِ
وَ
۽
يُرِيْدُ
گھري پيو
اللّٰهُ
الله
اَنْ
ته
يُّحِقَّ
ثابت ڪري ڏيکاري
الْحَقَّ
حق کي
بِكَلِمٰتِهٖ
پنهنجي حڪمن سان
وَ
۽
يَقْطَعَ
پٽي ڇڏي
دَابِرَ
پاڙ
الْكٰفِرِيْنَ Ċۙ
ڪافرن جي.
8:8
لِيُحِقَّ
ته جيئن هو حق ڪري ڏيکاري
الْحَقَّ
حق کي
وَ
۽
يُبْطِلَ
باطل ڪري ڏيکاري
الْبَاطِلَ
باطل کي
وَ لَوْ
توڻي کڻي
كَرِهَ
نه وڻي (اهو)
الْمُجْرِمُوْنَ Ďۚ
ڏوهارين کي.
8:9
اِذْ
جڏهن
تَسْتَغِيْثُوْنَ
توهان فرياد ٿي ڪيو
رَبَّكُمْ
پنهنجي پاليندڙ کي
فَاسْتَجَابَ
ته هن اگھائي
لَكُمْ
توهان جو فرياد
اَنِّىْ
ته بيشڪ مان
مُمِدُّكُمْ
توهان جي مدد ڪندس
بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ
هڪ هزار ملائڪن سان
مُرْدِفِيْنَ Ḍ
هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ.
8:10
وَ
۽
مَا
نه
جَعَلَهُ اللّٰهُ
ڪيو ان (مدد) کي الله
اِلَّا
پر
بُشْرٰي
خوشخبري
وَ
۽
لِتَطْمَىِٕنَّ
ته جيئن مطمئن ٿين
بِهٖ
ان سان
قُلُوْبُكُمْ ۭ
توهان جون دليون
وَ
۽
مَا
نه آهي
النَّصْرُ
فتح
اِلَّا
پر
مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ
رڳو الله وٽان ئي.
اِنَّ
بيشڪ
اللّٰهَ
الله
عَزِيْزٌ
زبردست
حَكِيْمٌ 10 ۧ
داناءَ آهي.
8:11
اِذْ
(ياد ڪريو) جڏهن
يُغَشِّيْكُمُ
ان (الله) توهان تي طاري ڪيو
النُّعَاسَ
گھيرٽ
اَمَنَةً
امن ڏيڻ لاءِ
مِّنْهُ
پنهنجي طرفان
وَ
۽
يُنَزِّلُ
وسايائين
عَلَيْكُمْ
اوهان تي
مِّنَ السَّمَاۗءِ
آسمان مان
مَاۗءً
مينهن
لِّيُطَهِّرَكُمْ
ته جيئن هو توهان کي پاڪ ڪري
بِهٖ
انهيءَ سان
وَ
۽
يُذْهِبَ
پري ڪري
عَنْكُمْ
توهان کان
رِجْزَ
پليدي
الشَّيْطٰنِ
شيطان جي
وَ
۽
لِيَرْبِطَ
ته پختو ڪري
عَلٰي قُلُوْبِكُمْ
توهان جي دلين کي
وَ
۽
يُثَبِّتَ
ڄمائي
بِهِ
انهيءَ سان
الْاَقْدَامَ 11ۭ
(اوهان جي) پيرن کي.
8:12
اِذْ
(ياد ڪر) جڏهن
يُوْحِيْ
وحي ڪري رهيو هو
رَبُّكَ
تنهنجو رب
اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ
ملائڪن ڏانهن
اَنِّىْ
ته بيشڪ مان
مَعَكُمْ
توهان سان گڏ آهيان
فَثَبِّتُوا
پوءِ توهان همت ٻَڌايو
الَّذِيْنَ
انهن کي جن
اٰمَنُوْا ۭ
ايمان آندو
سَاُلْقِيْ
سگھوئي آءٌ وجھندس
فِيْ قُلُوْبِ
(انهن جي) دلين ۾
الَّذِيْنَ
تن جي جن
كَفَرُوا
ڪفر ڪيو
الرُّعْبَ
رعب (توهان جو)
فَاضْرِبُوْا
تنهن ڪري ماريو
فَوْقَ الْاَعْنَاقِ
سندن گردنن تي
وَ
۽
اضْرِبُوْا
ڪُٽيو
مِنْهُمْ
انهن جي
كُلَّ بَنَانٍ 12ۭ
سَنڌ سَنڌ کي.
8:13
ذٰلِكَ
اهو
بِاَنَّهُمْ
ان ڪري جو بيشڪ
شَاۗقُّوا اللّٰهَ
هنن مخالفت ڪئي الله جي
وَ
۽
رَسُوْلَهٗ ۚ
ان جي رسول جي
وَ
۽
مَنْ
جيڪو به
يُّشَاقِقِ اللّٰهَ
مخالفت ڪندو الله جي
وَ
۽
رَسُوْلَهٗ
سندس رسول جي
فَاِنَّ
ته بيشڪ
اللّٰهَ
الله
شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
سخت سزا ڏيندڙ آهي.
8:14
ذٰلِكُمْ
اها (سزا)
فَذُوْقُوْهُ
پوءِ چکو ان کي
وَ
۽
اَنَّ
بيشڪ
لِلْكٰفِرِيْنَ
ڪافرن لاءِ
عَذَابَ النَّارِ 14
باھ جو عذاب آهي.
8:15
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ
اي اُهي جن
اٰمَنُوْٓا
ايمان آندو آهي!
اِذَا
جڏهن
لَقِيْتُمُ
توهان ملو (جنگ ۾)
الَّذِيْنَ
انهن سان جن
كَفَرُوْا
ڪفر ڪيو
زَحْفًا
دو بدو
فَلَا
ته نه
تُوَلُّوْهُمُ
ڦيريو انهن کان
الْاَدْبَارَ 15ۚ
(پنهنجون) پٺيون.
8:16
وَ
۽
مَنْ
جيڪو
يُّوَلِّهِمْ
ڦيريندو انهن کان
يَوْمَىِٕذٍ
ان (جنگ جي) ڏينهن
دُبُرَهٗٓ
پنهنجي پٺ
اِلَّا
سواءِ (ان جي جيڪو)
مُتَحَرِّفًا
گوهي ڏيڻ وارو هجي
لِّقِتَالٍ
ويڙھ لاءِ
اَوْ
يا
مُتَحَيِّزًا
پناھ وٺندڙ هجي
اِلٰي فِئَةٍ
(پنهنجي) ڪنهن ٽولي ڏانهن
فَقَدْ
نه ته پڪ
بَاۗءَ
اهو موٽيو
بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ
الله جي ڏمر سان
وَ
۽
مَاْوٰىهُ
ان جو ٺڪاڻو
جَهَنَّمُ ۭ
جهنم آهي
وَ
۽
بِئْسَ
بڇڙي آهي
الْمَصِيْرُ 16
اها موٽڻ جي جاءِ.
8:17
فَلَمْ
پوءِ نه
تَقْتُلُوْهُمْ
قتل ڪيو توهان انهن کي
وَلٰكِنَّ اللّٰهَ
۽ پر الله
قَتَلَهُمْ ۠
کين قتل ڪيو
وَ
۽
مَا
نه
رَمَيْتَ
اڇلائي هئي تو (مٽيءَ مُٺِ)
اِذْ
جڏهن جو
رَمَيْتَ
تو اڇلائي هئي
وَلٰكِنَّ اللّٰهَ
پر الله
رَمٰى ۚ
اها اڇلائي هئي
وَ
۽
لِيُبْلِيَ
ته جيئن هو آزما ئي
الْمُؤْمِنِيْنَ
مؤمنن کي
مِنْهُ
پاڻ وٽان
بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ
چڱيءَ طرح
اِنَّ
بيشڪ
اللّٰهَ
الله
سَمِيْعٌ
خوب ٻڌندڙ
عَلِيْمٌ 17
ڄاڻندڙ آهي.
8:18
ذٰلِكُمْ
اها هئي (حڪمت)
وَ
۽
اَنَّ
بيشڪ
اللّٰهَ
الله
مُوْهِنُ
ڪمزور ڪندڙ آهي
كَيْدِ
تدبير
الْكٰفِرِيْنَ 18
ڪافرن جي.
8:19
اِنْ
جيڪڏهن
تَسـْتَفْتِحُوْا
توهان فيصلو گھرو ٿا
فَقَدْ
ته تحقيق
جَاۗءَكُمُ
اچي ويو آهي توهان وٽ
الْفَتْحُ ۚ
فيصلو
وَ
۽
اِنْ
جيڪڏهن
تَنْتَهُوْا
مڙي وڃو
فَهُوَ
ته اهو
خَيْرٌ
ڏاڍو چڱو آهي
لَّكُمْ ۚ
توهان جي لاءِ
وَ
۽
اِنْ
جيڪڏهن
تَعُوْدُوْا
وري ا ئين ڪندؤ
نَعُدْ ۚ
ته اسان به وري ائين ئي ڪنداسين
وَ
۽
لَنْ
هرگز نه
تُغْنِيَ
فائدو ڏيندو
عَنْكُمْ
توهان کي
فِئَتُكُمْ
توهان جو لشڪر
شَـيْــــًٔـا
ڪجھ به
وَّلَوْ
۽ توڻي
كَثُرَتْ ۙ
گھڻو هجي
وَ
۽
اَنَّ
بيشڪ
اللّٰهَ
الله
مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ 19ۧ
مؤمنن سان گڏ آهي.
8:20
يٰٓاَيُّھَا
اي اُهي
الَّذِيْنَ
جن
اٰمَنُوْٓا
ايمان آندو آهي!
اَطِيْعُوا اللّٰهَ
فرمانبرداري ڪريو الله جي
وَ
۽
رَسُوْلَهٗ
سندس رسول جي
وَ
۽
لَا
نه
تَوَلَّوْا
منهن ڦيريو
عَنْهُ
ان کان
وَ
جڏهن ته
اَنْتُمْ
توهان
تَسْمَعُوْنَ 20ښ
(قرآن) ٻڌو ٿا.