079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
79:1
وَ
قسم آهي
النّٰزِعٰتِ
ڇڪي روح ڪڍندڙ ملائڪن جو
غَرْقًا Ǻ ۙ
اندر پيهي.
79:2
وَّ
قسم آهي
النّٰشِطٰتِ
آسانيءَ سان روح ڪڍندڙ (ملائڪن) جو
نَشْطًا Ą ۙ
نرميءَ سان.
79:3
وَّ
قسم آهي
السّٰبِحٰتِ
ترندڙ ڦرندڙ ملائڪن جو
سَبْحًا Ǽ ۙ
تيز ترڻ.
79:4
فَالسّٰبِقٰتِ
پوءِ اڳ کٽڻ وارن ملائڪن جو
سَبْقًا Ć ۙ
هڪٻئي کان اڳ کٽڻ.
79:5
فَالْمُدَبِّرٰتِ
پوءِ تدبيرون ڪندڙ ملائڪن جو
اَمْرًا Ĉ ۘ
هر ڪم جون.
79:6
يَوْمَ
جنهن ڏينهن
تَرْجُفُ
ڌُڏندي
الرَّاجِفَةُ Č ۙ
ڌڏڻ واري (زمين)
79:7
تَتْبَعُهَا
ان جي پٺيان ايندي
الرَّادِفَةُ Ċ ۭ
پٺيان اچڻ واري.
79:8
قُلُوْبٌ
(ڪيئي) دليون
يَّوْمَىِٕذٍ
ان ڏينهن
وَّاجِفَةٌ Ď ۙ
ڌڙڪنديون پيون.
79:9
اَبْصَارُهَا
سندن اکيون
خَاشِعَةٌ Ḍ ۘ
جُهڪيل هونديون.
79:10
يَقُوْلُوْنَ
اهي چون ٿا ته
ءَ
ڇا
اِنَّا
سچ پچ اسان
لَمَرْدُوْدُوْنَ
ضرورموٽايا وينداسين
فِي الْحَافِرَةِ 10 ۭ
پهرين حالت ۾؟
79:11
ءَ
ڇا
اِذَا
جڏهن
كُنَّا
اسان ٿي وينداسين
عِظَامًا
هڏا
نَّخِرَةً 11 ۭ
ڀُتا ڳريل.
79:12
قَالُوْا
هو چون ٿا ته
تِلْكَ
اهو
اِذًا
تڏهن
كَرَّةٌ
موٽڻ ٿيندو
خَاسِرَةٌ 12ۘ
نقصان وارو.
79:13
فَاِنَّمَا
پوءِ تحقيق
ھِيَ
اها (ته)
زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ 13 ۙ
هڪ ڀوائتي هَڪَل هوندي.
79:14
فَاِذَا
پوءِ يڪدم
هُمْ
اهي سڀ
بِالسَّاهِرَةِ 14ۭ
پڌري پٽ هوندا.
79:15
هَلْ
ڇا
اَتٰىكَ
اچي پهتي آهي تو وٽ
حَدِيْثُ مُوْسٰى 15ۘ
موسيٰ جي ڳالھ؟
79:16
اِذْ
جڏهن
نَادٰىهُ
کيس سڏيو هو
رَبُّهٗ
سندس رب
بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى 16ۚ
طويٰ جي پاڪ ميدان ۾.
79:17
اِذْهَبْ
(۽ چيائينس ته) وڃ
اِلٰى فِرْعَوْنَ
فرعون ڏانهن
اِنَّهٗ
بيشڪ هو
طَغٰى 17ڮ
حد کان لنگھي ويو آهي.
79:18
فَقُلْ
پوءِ کيس چئه
هَلْ
ڇا
لَّكَ
توکي (شوق) آهي
اِلٰٓى اَنْ
هن جو ته
تَـزَكّٰى 18 ۙ
تون پاڪ ٿئين.
79:19
وَ
۽
اَهْدِيَكَ
مان توکي رهنمائي ڏيان
اِلٰى رَبِّكَ
تنهنجي ربّ ڏانهن
فَتَخْشٰى 19ۚ
جو تون ڊڄين؟
79:20
فَاَرٰىهُ
پوءِ هن (موسيٰ) ڏيکاري هن (فرعون) کي
الْاٰيَةَ
نشاني
الْكُبْرٰى 20ڮ
وڏي.