075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
75:1
لَآ اُقْسِمُ
مان قسم ٿو کڻان
بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ Ǻ ۙ
قيامت جي ڏينهن جو.
75:2
وَ
۽
لَآ اُقْسِمُ
قسم ٿو کڻان
بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ Ą ۭ
نفس ملامت ڪرڻ واري جو.
75:3
اَ
ڇا
يَحْسَبُ
سمجھي ٿو
الْاِنْسَانُ
انسان
اَلَّنْ
هي ته هرگز نه
نَّجْمَعَ
گڏ ڪنداسين اسان
عِظَامَهٗ Ǽ ۭ
سندس هڏا؟
75:4
بَلٰى
ڇو نه! بلڪ
قٰدِرِيْنَ
(اسان ته) قادر آهيون
عَلٰٓي اَنْ
هن تي جو
نُّسَوِّيَ
اسان درست ڪريون
بَنَانَهٗ Ć
هن جي آڱرين جي پورن کي.
75:5
بَلْ
بلڪ
يُرِيْدُ
گھري ٿو
الْاِنْسَانُ
انسان
لِيَفْجُرَ
ته گناھ ۽ نافرماني ڪري
اَمَامَهٗ Ĉ ۚ
آئينده به.
75:6
يَسْــَٔـلُ
هو پڇي ٿو
اَيَّانَ
ڪڏهن ٿيندو
يَوْمُ الْقِيٰمَةِ Č ۭ
قيامت جو ڏينهن؟
75:7
فَاِذَا
پوءِ جڏهن
بَرِقَ
ڦاٽي وائڙيون ٿي وينديون
الْبَصَرُ Ċ ۙ
اکيون.
75:8
وَ
۽
خَسَفَ
بي نور ٿي ويندو
الْقَمَرُ Ď ۙ
چنڊ.
75:9
وَ
۽
جُمِعَ
گڏ ڪيا ويندا
الشَّمْسُ
سج
وَ
۽
الْقَمَرُ Ḍ ۙ
چنڊ.
75:10
يَقُوْلُ
چوندو
الْاِنْسَانُ
انسان
يَوْمَىِٕذٍ
اڄوڪي ڏينهن
اَيْنَ
ڪٿي آهي
الْمَفَرُّ 10ۚ
ڀڄڻ جي واھ؟
75:11
كَلَّا
هرگز نه
لَا
نه آهي (اتي)
وَزَرَ 11ۭ
ڪا واھ.
75:12
اِلٰى رَبِّكَ
تنهنجي ربّ ڏانهن ئي هوندي
يَوْمَىِٕذِۨ
ان ڏينهن
الْمُسْتَــقَرُّ 12ۭ
قرار جي جاءِ.
75:13
يُنَبَّؤُا
خبر ڏني ويندي
الْاِنْسَانُ
انسان کي
يَوْمَىِٕذٍۢ
انهيءَ ڏينهن
بِمَا
ان بابت جيڪي
قَدَّمَ
هن اڳتي موڪليو
وَ
۽
وَاَخَّرَ 13ۭ
(جيڪي) هن پٺتي ڇڏيو.
75:14
بَلِ
بلڪ
الْاِنْسَانُ
انسان
عَلٰي نَفْسِهٖ
پنهنجي نفس تي
بَصِيْرَةٌ 14ۙ
شاهد آهي.
75:15
وَّ
۽
لَوْ
توڻي
اَلْقٰى
هو پيش ڪري
مَعَاذِيْرَهٗ 15ۭ
پنهنجا عذر.
75:16
لَا
نه
تُحَرِّكْ
چور (اي محمدؐ !)
بِهٖ
هن (قرآن) سان گڏ
لِسَانَكَ
پنهنجي زبان کي
لِتَعْجَلَ
ته جيئن جلد تون ڪرين (ياد)
بِهٖ 16ۭ
هن کي.
75:17
اِنَّ
بيشڪ
عَلَيْنَا
اسان جي ذمي آهي
جَمْعَهٗ
هن جو گڏ ڪرڻ (تنهنجي سيني ۾)
وَ
۽
قُرْاٰنَهٗ 17ښ
هن جو پڙهڻ (تنهنجي زبان سان).
75:18
فَاِذَا
پوءِ جڏهن
قَرَاْنٰهُ
اسان اهو پڙهون
فَاتَّبِعْ
ته تون پيروي ڪر
قُرْاٰنَهٗ 18ۚ
هن جي پڙهڻ جي.
75:19
ثُمَّ
وري
اِنَّ
بيشڪ
عَلَيْنَا
اسان جي ذمي آهي
بَيَانَهٗ 19ۭ
هن جو بيان ڪرڻ.
75:20
كَلَّا
هرگز نه!
بَلْ
بلڪ
تُحِبُّوْنَ
توهان پسند ڪريو ٿا
الْعَاجِلَةَ 20ۙ
دنيا کي.