071 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
71:1
اِنَّآ
بيشڪ اسان
اَرْسَلْنَا
موڪليو
نُوْحًا
نوح کي
اِلٰى قَوْمِهٖٓ
سندس قوم ڏانهن
اَنْ
ته (وڃي)
اَنْذِرْ
خبردار ڪر
قَوْمَكَ
پنهنجي قوم کي
مِنْ قَبْلِ
هن کان اڳ
اَنْ
جو
يَّاْتِيَهُمْ
اچي هنن وٽ
عَذَابٌ
عذاب
اَلِيْمٌ Ǻ
دردناڪ.
71:2
قَالَ
هن (نوح) چيو
يٰقَوْمِ
اي منهنجي قوم!
اِنِّىْ
بيشڪ مان
لَكُمْ
توهان کي
نَذِيْرٌ
خبردار ڪرڻ وارو آهيان
مُّبِيْنٌ Ą ۙ
پڌرو.
71:3
اَنِ
هي ته
اعْبُدُوا اللّٰهَ
توهان الله جي عبادت ڪريو
وَ
۽
اتَّقُوْهُ
کانئس ڊڄو
وَ
۽
اَطِيْعُوْنِ Ǽ ۙ
منهنجي اطاعت ڪريو.
71:4
يَغْفِرْ
هو بخشيندو
لَكُمْ
توهان لاءِ
مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ
توهان جا گناهه
وَ
۽
يُؤَخِّرْكُمْ
توهان کي مهلت ڏيندو
اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ
هڪ مقرر وقت تائين.
اِنَّ
بيشڪ
اَجَلَ اللّٰهِ
الله جو (مقرر) وقت
اِذَا
جڏهن
جَاۗءَ
اچي ٿو
لَا
(ته) نٿو
يُؤَخَّرُ ۘ
اهو پوئتي ڪيو وڃي
لَوْ
جيڪر ته
كُنْتُمْ
اوهان
تَعْلَمُوْنَ Ć
ڄاڻو ها.
71:5
قَالَ
هن (نوح) چيو
رَبِّ
اي منهنجا ربّ!
اِنِّىْ
بيشڪ مون
دَعَوْتُ
دعوت ڏني
قَوْمِيْ
پنهنجي قوم کي
لَيْلًا
رات
وَّ
۽
نَهَارًا Ĉ ۙ
ڏينهن.
71:6
فَلَمْ
پوءِ نه
يَزِدْهُمْ
وڌايو کين
دُعَاۗءِيْٓ
منهنجي دعوت
اِلَّا
پر
فِرَارًا Č
(حق کان) ڀڄڻ ۾ ئي.
71:7
وَ
۽
اِنِّىْ
بيشڪ مون
كُلَّمَا
جڏهن به
دَعَوْتُهُمْ
کين دعوت ڏني
لِتَغْفِرَ
ته جيئن تون بخشين
لَهُمْ
انهن کي
جَعَلُوْٓا
(ته) هنن وڌيون
اَصَابِعَهُمْ
پنهنجون آڱريون
فِيْٓ اٰذَانِهِمْ
پنهنجن ڪنن ۾
وَ
۽
اسْتَغْشَوْا
ڍڪيائون
ثِيَابَهُمْ
(پاڻ تي) پنهنجا ڪپڙا
وَ
۽
اَصَرُّوْا
هو اڙيا رهيا
وَ
۽
اسْتَكْبَرُوا
وڏائي ڪيائون
اسْتِكْبَارًا Ċ ۚ
وڏائي ڪرڻ.
71:8
ثُمَّ
وري
اِنِّىْ
بيشڪ مون
دَعَوْتُهُمْ
دعوت ڏني کين
جِهَارًا Ď ۙ
وڏي آواز سان.
71:9
ثُمَّ
وري
اِنِّىْٓ
بيشڪ مون
اَعْلَنْتُ
ظاهر ظهور چيو
لَهُمْ
کين
وَ
۽
اَسْرَرْتُ
ڳجھو به چيو
لَهُمْ
انهن کي
اِسْرَارًا Ḍ ۙ
بلڪل ڳجھو.
71:10
فَقُلْتُ
پوءِ مون چيو
اسْتَغْفِرُوْا
توهان بخشش گھرو
رَبَّكُمْ ۭ
پنهنجي ربّ کان.
اِنَّهٗ
بيشڪ هو
كَانَ
آهي
غَفَّارًا 10ۙ
وڏو بخشڻهار.
71:11
يُّرْسِلِ
هو موڪليندو
السَّمَاۗءَ
مينهن
عَلَيْكُمْ
توهان تي
مِّدْرَارًا 11ۙ
وڏو وسڪارو.
71:12
وَّ
۽
يُمْدِدْكُمْ
وڌائيندو توهان کي
بِاَمْوَالٍ
مال سان
وَّ
۽
بَنِيْنَ
پٽن سان
وَ
۽
يَجْعَلْ
(پيدا) ڪندو
لَّكُمْ
توهان لاءِ
جَنّٰتٍ
باغ
وَّ
۽
يَجْعَلْ
(جاري) ڪندو
لَّكُمْ
توهان لاءِ
اَنْهٰرًا 12ۭ
نهرون.
71:13
مَا
ڇا (ٿيو آهي)
لَكُمْ
توهان کي (جو)
لَا
نٿا
تَرْجُوْنَ
ويساهه رکو
لِلّٰهِ
الله جي
وَقَارًا 13ۚ
بزرگيءَ جو.
71:14
وَ
۽
قَدْ
تحقيق
خَلَقَكُمْ
هن خلقيو توهان کي
اَطْوَارًا 14
مختلف مرحلن ۾.
71:15
اَ
ڇا
لَمْ
ناهي
تَرَوْا
ڏٺو توهان
كَيْفَ
(ته) ڪيئن
خَلَقَ اللّٰهُ
الله خلقيا آهن
سَبْعَ
ست
سَمٰوٰتٍ
آسمان
طِبَاقًا 15ۙ
هڪٻئي مٿان؟
71:16
وَّ
۽
جَعَلَ
بڻايائين
الْقَمَرَ
چنڊ
فِيْهِنَّ
انهن ۾
نُوْرًا
روشن
وَّ
۽
جَعَلَ
هن بڻايو
الشَّمْسَ
سج کي
سِرَاجًا 16
هڪ ڏيئو.
71:17
وَ
۽
اللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ
الله ئي ڄمايو آهي توهان کي
مِّنَ الْاَرْضِ
زمين مان (خاص طرح)
نَبَاتًا 17ۙ
ڄمائڻ.
71:18
ثُمَّ
وري
يُعِيْدُكُمْ
هو توهان کي موٽائيندو
فِيْهَا
انهيءَ ۾
وَ
۽
يُخْرِجُكُمْ
هو توهان کي (ٻيهر) ڪڍندو
اِخْرَاجًا 18
ڪڍڻ.
71:19
وَ
۽
اللّٰهُ
الله
جَعَلَ
بڻايو
لَكُمُ
توهان لاءِ
الْاَرْضَ
زمين کي
بِسَاطًا 19ۙ
وڇاڻو (فرش).
71:20
لِّتَسْلُكُوْا
تان ته هلو
مِنْهَا
ان جي
سُبُلًا فِجَاجًا 20ۧ
ڪشادن رستن تي.