007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
7:1
الۗمّۗصۗ Ǻ ۚ
الۗمّۗصۗ
7:2
كِتٰبٌ
(هي) ڪتاب
اُنْزِلَ
لاٿو ويو آهي
اِلَيْكَ
تو ڏانهن (اي محمدؐ !)
فَلَا
پوءِ نه
يَكُنْ
ٿئي
فِيْ صَدْرِكَ
تنهنجي سيني ۾
حَرَجٌ
ڪا تنگي
مِّنْهُ
هن سان
لِتُنْذِرَ
ته جيئن تون ڊيڄارين
بِهٖ
هن سان
وَ
۽
ذِكْرٰي
نصيحت آهي
لِلْمُؤْمِنِيْنَ Ą
مؤمنن جي لاءِ.
7:3
اِتَّبِعُوْا
توهان پيروي ڪريو
مَآ
انهيءَ جي جيڪو
اُنْزِلَ
لاٿو ويو آهي
اِلَيْكُمْ
توهان ڏانهن
مِّنْ رَّبِّكُمْ
توهان جي رب وٽان
وَ
۽
لَا
نه
تَتَّبِعُوْا
توهان پيروي ڪريو
مِنْ دُوْنِهٖٓ
هن (الله) کان سواءِ
اَوْلِيَاۗءَ ۭ
(ٻين) دوستن جي،
قَلِيْلًا
تمام ٿورڙي
مَّا تَذَكَّرُوْنَ Ǽ
جيڪا نصيحت پرائيندا آهيو.
7:4
وَ
۽
كَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ
ڪيئي وسنديون آهن
اَهْلَكْنٰهَا
جو اسان انهن کي برباد ڪري ڇڏيو
فَجَاۗءَهَا
پوءِ آيو انهن تي
بَاْسُنَا
اسان جو عذاب
بَيَاتًا
رات جو
اَوْ
يا
هُمْ
(جڏهن) اهي
قَاۗىِٕلُوْنَ Ć
منجھند جو آرامي هئا.
7:5
فَمَا
پوءِ نه
كَانَ
هئي
دَعْوٰىهُمْ
سندن دانهن
اِذْ
جڏهن
جَاۗءَهُمْ
آيو انهن تي
بَاْسُنَآ
اسان جو عذاب
اِلَّآ
پر
اَنْ
هي ته
قَالُوْٓا
هنن چيو
اِنَّا كُنَّا
بيشڪ اسان ئي هئاسون
ظٰلِمِيْنَ Ĉ
ظالم.
7:6
فَلَنَسْــــَٔـلَنَّ
پوءِ اسان ضرور پڇنداسين
الَّذِيْنَ
انهن کان جو
اُرْسِلَ
موڪليا ويا
اِلَيْهِمْ
انهن ڏانهن (رسول)
وَ
۽
لَنَسْــــَٔـلَنَّ
اسان ضرور پڇنداسين
الْمُرْسَلِيْنَ Čۙ
موڪليلن (رسولن) کان.
7:7
فَلَنَقُصَّنَّ
پوءِ ضرور بيان ڪنداسين (سڀ ڪجھ)
عَلَيْهِمْ
انهن تي
بِعِلْمٍ
علم سان
وَّ
۽
مَا
نه
كُنَّا
هئاسين اسان
غَاۗىِٕبِيْنَ Ċ
غائب.
7:8
وَ
۽
الْوَزْنُ
(عملن جو) وزن
يَوْمَىِٕذِۨ
تنهن ڏينهن
الْحَقُّ ۚ
برحق آهي
فَمَنْ
پوءِ اهو جو
ثَقُلَتْ
ڳرو ٿيو
مَوَازِيْنُهٗ
سندس (نيڪ عملن جو) پُڙ
فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ
ته اهي ئي آهن
الْمُفْلِحُوْنَ Ď
ڪامياب.
7:9
وَ
۽
مَنْ
اهو جو
خَفَّتْ
هلڪو ٿيو
مَوَازِيْنُهٗ
سندس پُڙ
فَاُولٰۗىِٕكَ
ته اهي ئي آهن
الَّذِيْنَ
جن
خَسِرُوْٓا
نقصان ۾ وڌو
اَنْفُسَهُمْ
پنهنجي جان کي
بِمَا
انهيءَ ڪري جو
كَانُوْا
هئا اهي
بِاٰيٰتِنَا
اسان جي آيتن سان
يَظْلِمُوْنَ Ḍ
بي انصافي ڪندا.
7:10
وَ
۽
لَقَدْ
البت تحقيق
مَكَّنّٰكُمْ
اسان توهان کي رهايو
فِي الْاَرْضِ
زمين ۾
وَ
۽
جَعَلْنَا
اسان بڻايا
لَكُمْ
توهان جي لاءِ
فِيْهَا
ا ن ۾
مَعَايِشَ ۭ
گذران جا سامان.
قَلِيْلًا
تمام ٿورڙو
مَّا تَشْكُرُوْنَ 10ۧ
توهان شڪر ڪريو ٿا.
7:11
وَ
۽
لَقَدْ
البت تحقيق
خَلَقْنٰكُمْ
اسان توهان کي پيدا ڪيو
ثُمَّ
وري
صَوَّرْنٰكُمْ
اسان توهان جون صورتون ٺاهيون
ثُمَّ
پوءِ
قُلْنَا
اسان چيو
لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ
ملائڪن کي
اسْجُدُوْا
توهان سجدو ڪريو
لِاٰدَمَ ڰ
آدم کي
فَسَجَدُوْٓا
ته انهن سجدو ڪيو
اِلَّآ
سواءِ
اِبْلِيْسَ ۭ
ابليس جي.
لَمْ
نه
يَكُنْ
ٿيو هو
مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
سجدو ڪندڙن مان.
7:12
قَالَ
(الله) چيو
مَا
ڪهڙي ڳالھ
مَنَعَكَ
توکي جھليو
اَلَّا
ته نه
تَسْجُدَ
تون سجدو ڪرين
اِذْ
جڏهن ته
اَمَرْتُكَ ۭ
مون توکي حڪم ڏنو؟
قَالَ
چيائين
اَنَا
مان
خَيْرٌ
ڀلو آهيان
مِّنْهُ ۚ
هن کان
خَلَقْتَنِيْ
تو مون کي خلقيو آهي
مِنْ نَّارٍ
باھ مان
وَّ
۽
خَلَقْتَهٗ
تو هن کي خلقيو آهي
مِنْ طِيْنٍ 12
مٽيءَ مان.
7:13
قَالَ
فرمايائين
فَاهْبِطْ
پوءِ تون لهي وڃ
مِنْهَا
هن (آسمان) مان
فَمَا
پوءِ نه
يَكُوْنُ
(لائق) هو
لَكَ
تو لاءِ
اَنْ
هي ته
تَتَكَبَّرَ
تون تڪبر ڪرين
فِيْهَا
ان ۾
فَاخْرُجْ
پوءِ تون نڪري وڃ
اِنَّكَ
بيشڪ تون
مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
ذليلن مان آهين.
7:14
قَالَ
هن چيو
اَنْظِرْنِيْٓ
تون مون کي مهلت ڏي
اِلٰي يَوْمِ
ان ڏينهن تائين
يُبْعَثُوْنَ 14
(جڏهن) اهي اٿاريا ويندا.
7:15
قَالَ
(الله) چيس
اِنَّكَ
بيشڪ تون
مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
مهلت ڏنلن مان آهين.
7:16
قَالَ
هن چيو
فَبِمَآ
ته انهيءَ ڪري جو
اَغْوَيْتَنِيْ
تو مون کي گمراھ ڪيو
لَاَقْعُدَنَّ
مان ضرور ويهندس
لَهُمْ
انهن (کي گمراھ ڪرڻ) لاءِ
صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ 16ۙ
تنهنجي سڌي رستي تي.
7:17
ثُمَّ
پوءِ
لَاٰتِيَنَّهُمْ
مان ضرور ايندس انهن وٽ
مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ
انهن جي اڳيان
وَ
۽
مِنْ خَلْفِهِمْ
انهن جي پويان
وَ
۽
عَنْ اَيْمَانِهِمْ
انهن جي ساڄي کان
وَ
۽
عَنْ شَمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ
انهن جي کاٻي کان
وَ
۽
لَا
نه
تَجِدُ
تون لهندين
اَكْثَرَهُمْ
انهن مان گھڻن کي
شٰكِرِيْنَ 17
شڪر ڪندڙ.
7:18
قَالَ
(الله) چيو
اخْرُجْ
تون نڪري وڃ
مِنْهَا
هن مان
مَذْءُوْمًا
ڌڪاريل (۽)
مَّدْحُوْرًا ۭ
تڙيل ٿي
لَمَنْ
البت جيڪو به
تَبِعَكَ
تنهنجي پيروي ڪندو
مِنْهُمْ
انهن مان
لَاَمْلَئَنَّ
ته آءٌ ضرور ڀريندس
جَهَنَّمَ
دوزخ کي
مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
توهان سڀني سان.
7:19
وَ
۽
يٰٓاٰدَمُ
اي آدم!
اسْكُنْ
رهو
اَنْتَ
تون
وَ
۽
زَوْجُكَ
تنهنجي زال
الْجَنَّةَ
جنت ۾
فَكُلَا
پوءِ ٻئي کائو
مِنْ حَيْثُ
جتان به
شِـئْتُمَا
توهان ٻنهي کي وڻي
وَ
۽
لَا
نه
تَقْرَبَا
توهان ٻئي ويجھو وڃجو
هٰذِهِ الشَّجَرَةَ
هن وڻ کي
فَتَكُوْنَا
نه ته ٻئي ٿي پوندؤ
مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
ظالمن مان.
7:20
فَوَسْوَسَ
پوءِ وسوسو وڌو
لَهُمَا
انهن ٻنهي کي
الشَّيْطٰنُ
شيطان
لِيُبْدِيَ
ته جيئن هو ظاهر ڪري
لَهُمَا
هنن ٻنهي لاءِ
مَا
جيڪا
وٗرِيَ
لڪائي وئي هئي
عَنْهُمَا
انهن ٻنهي کان
مِنْ سَوْاٰتِهِمَا
انهن ٻنهي جي اوگھڙ
وَ
۽
قَالَ
(شيطان) چيو
مَا
ناهي
نَهٰىكُمَا
جھليو توهان ٻنهي کي
رَبُّكُمَا
توهان جي ربّ
عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ
هن وڻ کان
اِلَّآ
پر
اَنْ
(ان لاءِ) ته
تَكُوْنَا
توهان ٻئي ٿي پئو
مَلَكَيْنِ
ملائڪ
اَوْ
يا
تَكُوْنَا
توهان ٿيو
مِنَ الْخٰلِدِيْنَ 20
هميشه رهندڙن مان.