068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
68:1
نۗ
نٓ!
وَ
قسم آهي
الْقَلَمِ
قلم جو
وَ
۽
مَا
ان جو جيڪي
يَسْطُرُوْنَ Ǻ ۙ
اهي لکن ٿا.
68:2
مَآ
نه آهين
اَنْتَ
تون (اي محمدؐ !)
بِنِعْمَةِ رَبِّكَ
پنهنجي ربّ جي فضل سان
بِمَجْنُوْنٍ Ą ۚ
چريو.
68:3
وَ
۽
اِنَّ
بيشڪ
لَكَ
تنهنجي لاءِ
لَاَجْرًا
البت اجر آهي
غَيْرَ مَمْنُوْنٍ Ǽ ۚ
اڻ کٽ.
68:4
وَ
۽
اِنَّكَ
بيشڪ تون
لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ Ć
البت عظيم خُلق وارو آهين.
68:5
فَسَتُبْصِرُ
پوءِ تون به سگھوئي ڏسندين
وَ
۽
يُبْصِرُوْنَ Ĉ ۙ
هو به ڏسندا.
68:6
بِاَىيِّكُمُ
ته ڪير توهان مان
الْمَفْتُوْنُ Č
چريو آهي.
68:7
اِنَّ
بيشڪ
رَبَّكَ
تنهنجو ربّ
هُوَ
اهو ئي
اَعْلَمُ
خوب ڄاڻي ٿو
بِـمَنْ
ان کي جيڪو
ضَلَّ
گمراھ ٿيو
عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠
سندس واٽ کان
وَ
۽
هُوَ
هو
اَعْلَمُ
خوب ڄاڻي ٿو
بِالْمُهْتَدِيْنَ Ċ
هدايت وارن کي.
68:8
فَلَا
پوءِ نه
تُطِعِ
اطاعت ڪر
الْمُكَذِّبِيْنَ Ď
ڪوڙ ڀائيندڙن جي.
68:9
وَدُّوْا
هو گھرن ٿا (ته)
لَوْ
جيڪر
تُدْهِنُ
تون (ڪجھ) نرمي ڪرين
فَيُدْهِنُوْنَ Ḍ
ته هو به نرمي ڪن.
68:10
وَ
۽
لَا
نه
تُطِعْ
تون چيو مڃ
كُلَّ
هر
حَلَّافٍ
قسم کڻندڙ
مَّهِيْنٍ 10ۙ
خسيس جو.
68:11
هَمَّازٍ
جيڪو عيب لائيندڙ
مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ 11ۙ
گھمندڙ ڦرندڙ چغلخور آهي.
68:12
مَّنَّاعٍ
جھليندڙ آهي
لِّلْخَيْرِ
ڀلائيءَ کان
مُعْتَدٍ
حد کان لنگھندڙ
اَثِيْمٍ 12ۙ
وڏو گنهگار آهي.
68:13
عُتُلٍّۢ
بد عادتو
بَعْدَ ذٰلِكَ
۽ انهن کان سواءِ
زَنِيْمٍ 13ۙ
حرامزادو به آهي.
68:14
اَنْ
اهو (هٺ) ان لاءِ جو
كَانَ
هو آهي
ذَا
صاحبِ
مَالٍ
مال
وَّ
۽
بَنِيْنَ 14ۭ
(صاحبِ) اولاد.
68:15
اِذَا
جڏهن
تُتْلٰى
پڙهيون وڃن ٿيون
عَلَيْهِ
هن تي
اٰيٰتُنَا
اسان جون آيتون
قَالَ
(ته) چوي ٿو (ته)
اَسَاطِيْرُ
(اهي) ڪهاڻيون آهن
الْاَوَّلِيْنَ 15
اڳين جون.
68:16
سَنَسِمُهٗ
سگھوئي ڏنڀينداسين (سندس)
عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
سونڍ (نڪ) کي.
68:17
اِنَّا
بيشڪ اسان
بَلَوْنٰهُمْ
کين آزمايو آهي
كَمَا
جيئن
بَلَوْنَآ
اسان آزمايو هو
اَصْحٰبَ الْجَنَّةِ ۚ
باغ وارن کي
اِذْ
جڏهن
اَقْسَمُوْا
هنن قسم کنيو ته
لَيَصْرِمُنَّهَا
هو ضرور لڻندا ان (ميوي) کي
مُصْبِحِيْنَ 17ۙ
صبح جو سوير.
68:18
وَ
۽
لَا
نه
يَسْتَثْنُوْنَ 18
چيائون انشاء الله.
68:19
فَطَافَ
پوءِ ڦري ويو
عَلَيْهَا
ان (باغ) تي
طَاۗىِٕفٌ
هڪ ڦرڻ وارو (عذاب)
مِّنْ رَّبِّكَ
تنهنجي ربّ جي طرفان
وَ
۽
هُمْ
هو
نَاۗىِٕمُوْنَ 19
ننڊ پيا هئا.
68:20
فَاَصْبَحَتْ
پوءِ ٿي ويو اهو (باغ)
كَالصَّرِيْمِ 20ۙ
لڻيل پوک وانگر.