1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

040 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن

لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

40:1
حٰمۗ Ǻ ۝ۚ حٰمٓ.

40:2
تَنْزِيْلُ نازل ڪرڻ
الْكِتٰبِ ڪتاب جو
مِنَ اللّٰهِ الله جي طرفان آهي
الْعَزِيْزِ جيڪو زبردست
الْعَلِيْمِ Ą ۝ۙ ڄاڻندڙ آهي.

40:3
غَافِرِ بخشڻهار آهي
الذَّنْۢبِ گناهن جو
وَ ۽
قَابِلِ قبول ڪندڙ آهي
التَّوْبِ توبھ جو
شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ سخت سزا ڏيندڙ
ذِي الطَّوْلِ ۭ وڏي فضل وارو.
لَآ نه آهي
اِلٰهَ ڪوئي معبود
اِلَّا سواءِ
هُوَ ط هُن جي.
اِلَيْهِ هن ڏانهن ئي
الْمَصِيْرُ Ǽ ۝ موٽي وڃڻو آهي.

40:4
مَا نٿا
يُجَادِلُ جھڳڙو ڪن
فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ الله جي آيتن ۾
اِلَّا سواءِ
الَّذِيْنَ انهن جي جن
كَفَرُوْا ڪفر ڪيو
فَلَا پوءِ نه
يَغْرُرْكَ ڌوڪي ۾ وجھي توکي (اي محمدؐ !)
تَــقَلُّبُهُمْ انهن (ڪافرن) جو گھمڻ ڦرڻ
فِي الْبِلَادِ Ć ؀ شهرن ۾.

40:5
كَذَّبَتْ ڪوڙو ڄاتو
قَبْلَهُمْ انهن کان اڳ
قَوْمُ نُوْحٍ نوح جي قوم
وَّ ۽
الْاَحْزَابُ (ٻين) گروهن
مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ انهن (نوح وارن) کان پوءِ
وَ ۽
هَمَّتْ ارادو ڪيو
كُلُّ اُمَّةٍۢ هر امت
بِرَسُوْلِهِمْ پنهنجن رسولن سان
لِيَاْخُذُوْهُ ته اهي کيس پڪڙن
وَ ۽
جٰدَلُوْا جھڳڙو ڪيائون
بِالْبَاطِلِ ڪوڙين ڳالهين سان
لِيُدْحِضُوْا ته جيئن لوڏين
بِهِ انهيءَ سان
الْحَقَّ حق کي
فَاَخَذْتُهُمْ قف پوءِ مون (الله) کين پڪڙيو
فَكَيْفَ ته ڪيئن
كَانَ هئي
عِقَابِ Ĉ ۝ منهنجي سزا؟

40:6
وَ ۽
كَذٰلِكَ اهڙيءَ طرح
حَقَّتْ ثابت ٿي وئي
كَلِمَتُ رَبِّكَ تنهنجي ربّ جي ڳالھ
عَلَي الَّذِيْنَ انهن تي جن
كَفَرُوْٓا ڪفر ڪيو
اَنَّهُمْ (ته) بيشڪ اُهي ئي آهن
اَصْحٰبُ النَّارِ Č۝ڤ دوزخي.

40:7
اَلَّذِيْنَ اهي (ملائڪ) جيڪي
يَحْمِلُوْنَ کنيو بيٺا آهن
الْعَرْشَ عرش کي
وَ ۽
مَنْ جيڪي
حَوْلَهٗ ان جي چوڦير آهن
يُسَبِّحُوْنَ اهي پاڪائي بيان ڪن ٿا
بِحَمْدِ رَبِّهِمْ پنهنجي ربّ جي ساراھ سان
وَ ۽
يُؤْمِنُوْنَ ايمان آڻين ٿا
بِهٖ ان تي
وَ ۽
يَسْتَغْفِرُوْنَ بخشش گھرن ٿا
لِلَّذِيْنَ انهن لاءِ جن
اٰمَنُوْا ج ايمان آندو
رَبَّــنَا (ته) اي اسان جا ربّ!
وَسِعْتَ تو وڪوڙيو آهي
كُلَّ شَيْءٍ هر شيءِ کي
رَّحْمَةً (پنهنجي) رحمت سان
وَّ ۽
عِلْمًا علم سان
فَاغْفِرْ پوءِ تون بخش
لِلَّذِيْنَ انهن کي جن
تَابُوْا توبھ ڪئي
وَ ۽
اتَّبَعُوْا پيروي ڪئي
سَبِيْلَكَ تنهنجي واٽ جي
وَ ۽
قِهِمْ تون کين بچاءِ
عَذَابَ الْجَــحِيْمِ Ċ۝ دوزخ جي عذاب کان.

40:8
رَبَّــنَا اي اسان جا ربّ!
وَ ۽
اَدْخِلْهُمْ تون کين داخل ڪر
جَنّٰتِ عَدْنِۨ هميشه رهڻ وارن باغن ۾
الَّتِيْ اهي جن جو
وَعَدْتَّهُمْ تو انهن سان وعدو ڪيو آهي
وَ ۽
مَنْ جيڪي
صَلَحَ صالح ٿيا
مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ سندن ابن ڏاڏن مان
وَ ۽
اَ زْوَاجِهِمْ سندن زالن مان
وَ ۽
ذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ سندن اولاد مان.
اِنَّكَ اَنْتَ بيشڪ تون ئي
الْعَزِيْزُ زبردست
الْحَكِيْمُ Ď ۝ۙ داناءُ آهين.

40:9
وَ ۽
قِهِمُ تون کين بچاءِ
السَّيِّاٰتِ ۭ بڇڙا ئين کان.
وَ ۽
مَنْ جنهن کي
تَقِ تون بچائيندين
السَّيِّاٰتِ بڇڙا ئين کان
يَوْمَىِٕذٍ انهيءَ ڏينهن
فَقَدْ ته تحقيق
رَحِمْتَهٗ ط تو ان تي رحم ڪيو.
وَ ۽
ذٰلِكَ هُوَ اها ئي آهي
الْفَوْزُ ڪاميابي
الْعَظِيْمُ Ḍ۝ۧ تمام وڏي.

40:10
اِنَّ بيشڪ
الَّذِيْنَ اُهي جن
كَفَرُوْا ڪفر ڪيو
يُنَادَوْنَ اهي سڏيا ويندا
لَمَقْتُ اللّٰهِ (ته) البت الله جو ناراضپو
اَكْبَرُ وڏو آهي
مِنْ مَّقْتِكُمْ توهان جي ناراضگيءَ کان
اَنْفُسَكُمْ پنهنجو پاڻ تي
اِذْ جڏهن
تُدْعَوْنَ توهان سڏيا ويندا هئا
اِلَى الْاِيْمَانِ ايمان ڏانهن
فَتَكْفُرُوْنَ 10؀ ته توهان انڪار ڪندا هئا.

40:11
قَالُوْا اُهي چوندا
رَبَّــنَآ اي اسان جا ربّ!
اَمَتَّنَا تو اسان کي ماريو
اثْنَتَيْنِ ٻه ڀيرا
وَ ۽
اَحْيَيْتَنَا تو اسان کي جياريو
اثْنَتَيْنِ ٻه ڀيرا
فَاعْتَرَفْنَا هاڻي اسان اقرار ڪيو
بِذُنُوْبِنَا پنهنجن گناهن جو
فَهَلْ پوءِ ڇا (هاڻي)
اِلٰى خُرُوْجٍ نڪرڻ جي (به)
مِّنْ سَبِيْلٍ 11؀ ڪا واھ آهي؟

40:12
ذٰلِكُمْ اهو (عذاب)
بِاَنَّهٗٓ انهيءَ ڪري آهي جو بيشڪ
اِذَا جڏهن
دُعِيَ سڏيو ويندو هو
اللّٰهُ الله
وَحْدَهٗ واحد کي
كَفَرْتُمْ ج (ته) توهان انڪار ڪندا هئا
وَ ۽
اِنْ جيڪڏهن
يُّشْرَكْ شريڪ بڻايو ويندو هو (ڪنهن کي)
بِهٖ انهيءَ سان
تُؤْمِنُوْا ۭ ته توهان (ان کي) مڃيندا هئا.
فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ پوءِ حڪم ته الله جو ئي آهي
الْعَلِيِّ جيڪو نهايت مٿاهون
الْكَبِيْرِ 12 ؀ تمام وڏو آهي.

40:13
هُوَ الَّذِيْ اهو ئي آهي جيڪو
يُرِيْكُمْ توهان کي ڏيکاري ٿو
اٰيٰتِهٖ پنهنجون نشانيون
وَ ۽
يُنَزِّلُ نازل ڪري ٿو
لَكُمْ توهان لاءِ
مِّنَ السَّمَاۗءِ آسمان مان
رِزْقًاۭ رزق.
وَ ۽
مَا نٿو
يَتَذَكَّرُ نصيحت وٺي
اِلَّا پر
مَنْ (اهو) جيڪو
يُّنِيْبُ 13؀ رجوع ڪري ٿو.

40:14
فَادْعُوا اللّٰهَ پوءِ توهان الله کي سڏيو
مُخْلِصِيْنَ خالص ڪندي
لَهُ انهيءَ لاءِ
الدِّيْنَ ٻانهپ کي
وَلَوْ توڻي جو
كَرِهَ نه وڻي
الْكٰفِرُوْنَ 14؀ ڪافرن کي.

40:15
رَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ (هو) بلند درجن وارو آهي
ذُو الْعَرْشِ ۚ عرش جو مالڪ آهي
يُلْقِي هو وجھي ٿو
الرُّوْحَ روح
مِنْ اَمْرِهٖ پنهنجي حڪم سان
عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ جنهن تي هو گھري ٿو
مِنْ عِبَادِهٖ پنهنجن ٻانهن مان
لِيُنْذِرَ ته جيئن هو خبردار ڪري
يَوْمَ التَّلَاقِ 15۝ۙ ملاقات جي ڏينهن کان.

40:16
يَوْمَ جنهن ڏينهن
هُمْ هو
بٰرِزُوْنَ ڬ (قبرن مان) نڪرندا
لَا نه
يَخْـفٰى ڳجھي هوندي
عَلَي اللّٰهِ الله تي
مِنْهُمْ انهن مان
شَيْءٌ ط ڪائي شيءِ.
لِمَنِ (الله پڇندو) ڪنهن جي لاءِ آهي
الْمُلْكُ بادشاهي
الْيَوْمَ ۭ اڄوڪي ڏينهن
لِلّٰهِ (پوءِ پاڻ ئي فرمائيندو) الله جي لاءِ ئي
الْوَاحِدِ جيڪو اڪيلو آهي
الْقَهَّارِ 16 ؀ وڏين طاقتن وارو.

40:17
اَلْيَوْمَ اڄ
تُجْزٰى بدلو ڏنو ويندو
كُلُّ نَفْسٍۢ هر نفس کي
بِمَا انهيءَ سان جيڪي
كَسَبَتْ ۭ هن ڪمايو.
لَا ظُلْمَ نه ٿيندو ڪو ظلم
الْيَوْمَ ۭ اڄ.
اِنَّ بيشڪ
اللّٰهَ الله
سَرِيْعُ الْحِسَابِ 17؀ جلد حساب وٺندڙ آهي.

40:18
وَ ۽
اَنْذِرْهُمْ تون خبردار ڪر انهن کي
يَوْمَ الْاٰزِفَةِ ويجھي اچڻ واري ڏينهن (قيامت) کان
اِذِ جڏهن
الْقُلُوْبُ دليون
لَدَى ويجھيون اينديون هونديون
الْحَـنَاجِرِ نڙگھٽن جي
كٰظِمِيْنَ ڛ غم سان ڀريل.
مَا نه هوندو
لِلظّٰلِمِيْنَ ظالمن لاءِ
مِنْ حَمِيْمٍ ڪوئي دوست
وَّ ۽
لَا نه
شَفِيْعٍ ڪو سفارشي
يُّــطَاعُ 18۝ۭ جنهن جي ڳالھ مڃجي.

40:19
يَعْلَمُ هو ڄاڻي ٿو
خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ خيانت اکين جي
وَ ۽
مَا (ان کي به) جيڪي
تُخْفِي لڪائين ٿا
الصُّدُوْرُ 19؀ انهن جا سينا.

40:20
وَ ۽
اللّٰهُ الله
يَـقْضِيْ فيصلو ڪندو
بِالْحَقِّ ۭ حق (انصاف) سان
وَ ۽
الَّذِيْنَ جن کي
يَدْعُوْنَ هو سڏين ٿا
مِنْ دُوْنِهٖ هن (الله) کان سواءِ
لَا نٿا
يَـقْضُوْنَ اهي فيصلو ڪري سگھن
بِشَيْءٍ ۭ ڪنهن به شيءِ جو.
اِنَّ بيشڪ
اللّٰهَ الله
هُوَ اهو ئي آهي
السَّمِيْعُ خوب ٻڌندڙ
الْبَصِيْرُ 20؀ۧ ڏسندڙ.