028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
28:1
طٰسۗمّۗ Ǻ
طٰسۗمّۗ
28:2
تِلْكَ
هي
اٰيٰتُ
آيتون آهن
الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ Ą
پڌري ڪتاب جون.
28:3
نَتْلُوْا
اسان پڙهون ٿا
عَلَيْكَ
تو تي (اي محمدؐ !)
مِنْ نَّبَاِ
ڪجھ خبرون
مُوْسٰى
موسيٰ
وَ
۽
فِرْعَوْنَ
فرعون جون
بِالْحَقِّ
حق سان
لِقَوْمٍ
انهن ماڻهن لاءِ جيڪي
يُّؤْمِنُوْنَ Ǽ
ايمان آڻين ٿا.
28:4
اِنَّ
بيشڪ
فِرْعَوْنَ
فرعون
عَلَا
سرڪشي ڪئي
فِي الْاَرْضِ
زمين (مصر) ۾
وَ
۽
جَعَلَ
هن بڻايو
اَهْلَهَا
اتان جي رهاڪن کي
شِيَعًا
ڪيئي ٽولا
يَّسْتَضْعِفُ
هن ڪمزور ڪيو هو
طَاۗىِٕفَةً
هڪ ٽولي (بني اسرا ئيل) کي
مِّنْهُمْ
انهن مان
يُذَبِّـحُ
هو ڪُهندو هو
اَبْنَاۗءَهُمْ
انهن جا پٽ
وَ
۽
يَسْتَحْيٖ
جيئرو ڇڏيندو هو
نِسَاۗءَهُمْ ۭ
انهن جون عورتون (ڌيئر)
اِنَّهٗ
بيشڪ هو
كَانَ
هيو
مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ Ć
فسادين مان.
28:5
وَ
۽
نُرِيْدُ
اسان گھريو ٿي
اَنْ
هي ته
نَّمُنَّ
اسان احسان ڪريون
عَلَي الَّذِيْنَ
انهن تي جيڪي
اسْتُضْعِفُوْا
ڪمزور ڪيا ويا هئا
فِي الْاَرْضِ
زمين (مصر) ۾
وَ
۽
نَجْعَلَهُمْ
(هي ته) اسان کين بڻايون
اَىِٕمَّةً
امام (اڳواڻ)
وَّ
۽
نَجْعَلَهُمُ
اسان کين بڻايون
الْوٰرِثِيْنَ Ĉ ۙ
وارث (ملڪ جو).
28:6
وَ
۽
نُمَكِّنَ
اسان قدرت (اقتدار) ڏيون
لَهُمْ
انهن کي
فِي الْاَرْضِ
زمين (مصر) ۾
وَ
۽
نُرِيَ
اسان ڏيکاريون
فِرْعَوْنَ
فرعون
وَ
۽
هَامٰنَ
هامان کي
وَ
۽
جُنُوْدَهُمَا
ٻنهي جي لشڪرن کي
مِنْهُمْ
انهن (ڪمزورن) جي هٿان
مَّا
اهو جنهن کان
كَانُوْا
هئا اهي
يَحْذَرُوْنَ Č
ڊڄندا.
28:7
وَ
۽
اَوْحَيْنَآ
اسان الهام ڪيو
اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى
موسيٰ جي ماءُ کي
اَنْ
هي ته
اَرْضِعِيْهِ ۚ
تون ٿڃ ڏي هن (پُٽ) کي
فَاِذَا
پوءِ جڏهن
خِفْتِ
تون ڊڄين
عَلَيْهِ
ان تي
فَاَلْقِيْهِ
ته ان کي لاهي ڇڏ
فِي الْيَمِّ
درياھ ۾
وَ
۽
لَا
نه
تَخَافِيْ
تون ڊڄ
وَ
۽
لَا
نه
تَحْـزَنِيْ ۚ
تون ڏک ڪر
اِنَّا
بيشڪ اسان
رَاۗدُّوْهُ
ان کي موٽائڻ وارا آهيون
اِلَيْكِ
تو ڏانهن
وَ
۽
جَاعِلُوْهُ
ان کي بڻائڻ وارا آهيون
مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ Ċ
رسولن مان.
28:8
فَالْتَقَطَهٗٓ
(هن وڌو) ته ان کي کڻي ورتو
اٰلُ فِرْعَوْنَ
فرعون جي گھر وارن
لِيَكُوْنَ
ته جيئن ٿئي
لَهُمْ
انهن لاءِ
عَدُوًّا
دشمن
وَّ
۽
حَزَنًا ۭ
ڏک (جو سبب)
اِنَّ
بيشڪ
فِرْعَوْنَ
فرعون
وَ
۽
هَامٰنَ
هامان
وَ
۽
جُنُوْدَهُمَا
ٻنهي جا لشڪر
كَانُوْا
هئا اهي
خٰطِـــــِٕيْنَ Ď
خطاڪار.
28:9
وَ
۽
قَالَتِ
چيو
امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ
فرعون جي زال
قُرَّةُ
(هي ته) ٺار آهي
عَيْنٍ
اکين جو
لِّيْ
مون لاءِ
وَ
۽
لَكَ ۭ
تو لاءِ.
لَا
نه
تَقْتُلُوْهُ ڰ
تون قتل ڪر هن کي،
عَسٰٓى
اميد آهي
اَنْ
اها ته
يَّنْفَعَنَآ
اسان کي فائدو ڏئي
اَوْ
يا
نَتَّخِذَهٗ
اسان بڻايون هن کي
وَلَدًا
پٽ
وَّ
۽
هُمْ
هو
لَا
نه پيا
يَشْعُرُوْنَ Ḍ
سمجھ رکن (انجام جي).
28:10
وَ
۽
اَصْبَحَ
ٿي وئي
فُؤَادُ
دل
اُمِّ مُوْسٰى
موسيٰ جي ماءُ جي
فٰرِغًا ۭ
بيقرار خالي.
اِنْ
بيشڪ
كَادَتْ
ويجھو هئي
لَتُبْدِيْ
(جو) البت هوءَ ظاهر ڪري
بِهٖ
ان کي
لَوْلَآ
جيڪڏهن نه هجي ها
اَنْ
هي ته
رَّبَطْنَا
اسان پختو ڪيو هو
عَلٰي قَلْبِهَا
هن جي دل کي
لِتَكُوْنَ
ته جيئن هوءَ هجي
مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
(اسان جي وعدي کي) مڃڻ وارن مان.
28:11
وَ
۽
قَالَتْ
هن (موسيٰ جي ماءُ) چيو
لِاُخْتِهٖ
سندس (وڏي) ڀيڻ کي
قُصِّيْهِ ۡ
تون هن جي پويان وڃ
فَبَصُرَتْ
پوءِ هوءَ (وئي ۽) ڏسندي رهي
بِهٖ
ان کي
عَنْ جُنُبٍ
پري کان
وَّ
جڏهن ته
هُمْ
هو (فرعوني)
لَا
نه پئي
يَشْعُرُوْنَ 11 ۙ
سمجھيا (ان کي).
28:12
وَ
۽
حَرَّمْنَا
اسان حرام ڪيون هيون
عَلَيْهِ
ان (موسيٰ) تي
الْمَرَاضِعَ
(داين جون) ٿڃ واريون ڇاتيون
مِنْ قَبْلُ
هن کان اڳ
فَقَالَتْ
پوءِ هن (موسيٰ جي ڀيڻ) چيو
هَلْ
ڇا
اَدُلُّكُمْ
مان توهان کي ڏس ڏيان
عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ
ڪنهن گھر وارن جو
يَّكْفُلُوْنَهٗ
جيڪي هن (ٻار) جي پالنا ڪن
لَكُمْ
توهان جي لاءِ
وَ
جڏهن ته
هُمْ
هو
لَهٗ
هن جا
نٰصِحُوْنَ 12
خير خواھ (به) هجن.
28:13
فَرَدَدْنٰهُ
پوءِ اسان هن کي موٽايو
اِلٰٓى اُمِّهٖ
سندس ماءُ ڏانهن
كَيْ
ته جيئن
تَــقَرَّ
ٺرن
عَيْنُهَا
هن جون اکيون
وَ
۽
لَا
نه
تَحْزَنَ
هوءَ ڏک ڪري
وَ
۽
لِتَعْلَمَ
ته جيئن هوءَ ڄاڻي
اَنَّ
(ته) بيشڪ
وَعْدَ اللّٰهِ
الله جو وعدو
حَقٌّ
سچو آهي
وَّ
۽
لٰكِنَّ
پر
اَكْثَرَهُمْ
انهن مان گھڻا
لَا
نٿا
يَعْلَمُوْنَ 13ۧ
ڄاڻن.
28:14
وَ
۽
لَمَّا
جڏهن
بَلَغَ
هو (موسيٰ) پهتو
اَشُدَّهٗ
پنهنجي جوانيءَ کي
وَ
۽
اسْتَوٰٓى
ساماڻو
اٰتَيْنٰهُ
ته اسان کيس ڏني
حُكْمًا
دانائي
وَّ
۽
عِلْمًا ۭ
علم.
وَ
۽
كَذٰلِكَ
اهڙيءَ ريت
نَجْزِي
اسان بدلو ڏيون ٿا
الْمُحْسِنِيْنَ 14
نيڪوڪارن کي.
28:15
وَ
۽
دَخَلَ
هو (موسيٰ) گِھريو
الْمَدِيْنَةَ
شهر ۾
عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ
اهڙي وقت جو بي خبر هئا
مِّنْ اَهْلِهَا
اتان جا رهاڪو
فَوَجَدَ
ته هن ڏٺا
فِيْهَا
ان (شهر) ۾
رَجُلَيْنِ
ٻه مرد
يَـقْتَتِلٰنِ ڭ
پاڻ ۾ وڙهندي
هٰذَا
هي (هڪ ته)
مِنْ شِيْعَتِهٖ
هن جي ٽولي (بني اسرائيل) مان هو
وَ
۽
هٰذَا
هي (ٻيو)
مِنْ عَدُوِّهٖ ج
هن جي دشمن (ٽولي) مان هو.
فَاسْتَغَاثَهُ
پوءِ مدد گھري هن (موسيٰ) کان
الَّذِيْ
انهيءَ جيڪو
مِنْ شِيْعَتِهٖ
هن جي ٽولي مان هو
عَلَي
خلاف
الَّذِيْ
ان جي جيڪو
مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ
هن جي دشمن (ٽولي) مان هو
فَوَكَزَهٗ
پوءِ ٺونشو هنيو ان (فرعوني) کي
مُوْسٰى
موسيٰ
فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ
ته هن کي ماري وڌا ئين
قَالَ
هن (موسيٰ) چيو
هٰذَا
هي (قتل)
مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ
شيطاني ڪمن مان آهي.
اِنَّهٗ
بيشڪ اهو
عَدُوٌّ
دشمن آهي
مُّضِلٌّ
گمراھ ڪندڙ
مُّبِيْنٌ 15
پڌرو.
28:16
قَالَ
هن (موسيٰ) چيو
رَبِّ
اي منهنجا ربّ!
اِنِّىْ ظَلَمْتُ
بيشڪ مون ظلم ڪيو آهي
نَفْسِيْ
پنهنجو پاڻ تي
فَاغْفِرْ
پوءِ تون بخش
لِيْ
مون کي
فَغَفَرَ
ته هن (الله) بخشي ڇڏيو
لَهٗ ۭ
هن کي.
اِنَّهٗ هُوَ
بيشڪ اهو ئي آهي
الْغَفُوْرُ
وڏو بخشڻهار
الرَّحِيْمُ 16
بيحد ٻاجھارو.
28:17
قَالَ
هن (موسيٰ) چيو
رَبِّ
اي منهنجا ربّ!
بِمَآ
هن ڪري جو
اَنْعَمْتَ
تو انعام ڪيو
عَلَيَّ
مون تي
فَلَنْ
پوءِ هرگز نه
اَكُوْنَ
ٿيندس مان
ظَهِيْرًا
مددگار
لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
ڏوهارين جو.
28:18
فَاَصْبَحَ
پوءِ هن (موسيٰ) صبح ڪيو
فِي الْمَدِيْنَةِ
شهر ۾
خَاۗىِٕفًا
ڊڄندي
يَّتَرَقَّبُ
انتظار ڪندي
فَاِذَا
ته اوچتو
الَّذِي
اهو جنهن
اسْتَـنْصَرَهٗ
هن کان مدد گھري هئي
بِالْاَمْسِ
ڪالھ
يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ
سو (اڄ وري) کيس مدد لاءِ پيو سڏي
قَالَ
چيو
لَهٗ
هن کي
مُوْسٰٓى
موسيٰ
اِنَّكَ
بيشڪ تون
لَغَوِيٌّ
البت گمراھ آهين
مُّبِيْنٌ 18
پڌرو.
28:19
فَلَمَّآ
پوءِ جڏهن
اَنْ اَرَادَ
هن (موسيٰ) ارادو ڪيو
اَنْ
هي ته
يَّبْطِشَ
هو پڪڙي
بِالَّذِيْ هُوَ
ان کي جيڪو
عَدُوٌّ
دشمن هو
لَّهُمَا ۙ
هنن ٻنهي جو
قَالَ
(ته) هن (اسرائيليءَ) چيو
يٰمُوْسٰٓى
اي موسيٰ!
اَتُرِيْدُ
ڇا تون گھرين ٿو
اَنْ
هي ته
تَــقْتُلَنِيْ
تون مون کي قتل ڪرين
كَمَا
جيئن
قَتَلْتَ
تو قتل ڪيو هو
نَفْسًۢا
هڪ ماڻهوءَ کي
بِالْاَمْسِ ڰ
ڪالهه،
اِنْ
نٿو
تُرِيْدُ
تون گھرين
اِلَّآ
پر
اَنْ
هي ته
تَكُوْنَ
تون ٿئين
جَبَّارًا
ڏاڍو
فِي الْاَرْضِ
زمين ۾
وَ
۽
مَا
نٿو
تُرِيْدُ
تون گھرين
اَنْ
هي ته
تَكُوْنَ
تون هجين
مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
صلح ڪرائڻ وارن مان.
28:20
وَ
۽
جَاۗءَ
آيو
رَجُلٌ
هڪ مرد
مِّنْ اَقْصَا
آخري ڪناري کان
الْمَدِيْنَةِ
شهر جي
يَسْعٰى ۡ
ڊوڙندو،
قَالَ
چيائين
يٰمُوْسٰٓى
اي موسيٰ!
اِنَّ الْمَلَاَ
بيشڪ (فرعوني) سردار
يَاْتَمِرُوْنَ
صلاح پيا ڪن
بِكَ
تنهنجي خلاف
لِيَقْتُلُوْكَ
ته جيئن توکي قتل ڪن
فَاخْرُجْ
پوءِ تون نڪري وڃ
اِنِّىْ
بيشڪ مان
لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
تنهنجي خيرخواهن مان آهيان.