020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
20:1
طٰهٰ Ǻ ۚ
طٰہٰ.
20:2
مَآ
ناهي
اَ نْزَلْنَا
نازل ڪيو اسان
عَلَيْكَ
تو تي (اي محمدؐ !)
الْقُرْاٰنَ
قرآن
لِتَشْقٰٓي Ą ۙ
ته تون تڪليف ۾ پوين
20:3
اِلَّا
پر
تَذْكِرَةً
نصيحت لاءِ
لِّمَنْ
انهيءَ جي جو
يَّخْشٰى Ǽ ۙ
ڊڄي ٿو.
20:4
تَنْزِيْلًا
نازل ڪيو ويو آهي
مِّمَّنْ
انهيءَ وٽان جنهن
خَلَقَ
پيدا ڪيو
الْاَرْضَ
زمين کي
وَ
۽
السَّمٰوٰتِ الْعُلٰى Ć ۭ
بلند آسمانن کي.
20:5
اَلرَّحْمٰنُ
(اهو) رحمٰن
عَلَي الْعَرْشِ
عرش تي
اسْتَوٰى Ĉ
قائم آهي.
20:6
لَهٗ
انهيءَ لاءِ آهي
مَا
جيڪي به
فِي السَّمٰوٰتِ
آسمانن ۾ آهي
وَ
۽
مَا
جيڪي به
فِي الْاَرْضِ
زمين ۾ آهي
وَ
۽
مَا
جيڪي به
بَيْنَهُمَا
ٻنهي جي وچ ۾ آهي
وَ
۽
مَا
جيڪي به
تَحْتَ
هيٺان آهي
الثَّرٰى Č
آليءَ زمين جي.
20:7
وَ
۽
اِنْ
جيڪڏهن
تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ
تون ڏاڍيان ڳالهائين
فَاِنَّهٗ
ته بيشڪ هو
يَعْلَمُ
ڄاڻي ٿو
السِّرَّ
ڳجھيءَ
وَ
۽
اَخْفٰي Ċ
لڪيل ڳالھ کي (به).
20:8
اَللّٰهُ
الله!
لَآ
نه آهي
اِلٰهَ
ڪوبه معبود
اِلَّا
سواءِ
هُوَ ۭ
انهيءَ جي،
لَهُ
هن جا ئي آهن
الْاَسْمَاۗءُ
سڀ نالا
الْحُسْنٰى Ď
سهڻا.
20:9
وَ
۽
هَلْ
ڇا
اَتٰىكَ
آئي آهي تو وٽ
حَدِيْثُ
ڳالھ
مُوْسٰى Ḍ ۘ
موسيٰ جي؟
20:10
اِذْ
جڏهن
رَاٰ
هن ڏٺي
نَارًا
باھ
فَقَالَ
ته چيائين
لِاَهْلِهِ
پنهنجي گھر وارن کي
امْكُـثُوْٓا
توهان ترسو
اِنِّىْٓ
بيشڪ مون
اٰنَسْتُ
ڏٺي آهي
نَارًا
باھ
لَّعَلِّيْٓ
ته جيئن مان
اٰتِيْكُمْ
آڻيان توهان وٽ
مِّنْهَا
انهيءَ مان
بِقَبَسٍ
ڪو ٽانڊو
اَوْ
يا
اَجِدُ
مان لَهان
عَلَي النَّارِ
باھ وَٽ
هُدًى 10
ڪو واٽ ڏسڻ وارو.
20:11
فَلَمَّآ
پوءِ جڏهن
اَتٰىهَا
هو آيو ان باھ وٽ
نُوْدِيَ
ته سڏ ٿيس
يٰمُوْسٰى 11 ۭ
اي موسيٰ!
20:12
اِنِّىْٓ اَنَا
بيشڪ مان
رَبُّكَ
تنهنجو ربّ آهيان
فَاخْلَعْ
پوءِ تون لاهي ڇڏ
نَعْلَيْكَ ۚ
پنهنجي جتي
اِنَّكَ
بيشڪ تون
بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى 12 ۭ
طويٰ جي پاڪ ميدان ۾ آهين.
20:13
وَ
۽
اَنَا
مون
اخْتَرْتُكَ
توکي پسند ڪيو آهي
فَاسْتَمِعْ
پوءِ تون ڌيان سان ٻُڌ
لِمَا
ان کي جو
يُوْحٰى 13
وحي ڪيو ٿو وڃي.
20:14
اِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ
بيشڪ مان ئي الله آهيان
لَآ
ناهي
اِلٰهَ
ڪوئي معبود
اِلَّآ
پر
اَنَا
مان ئي
فَاعْبُدْنِيْ ۙ
پوءِ تون منهنجي ئي عبادت ڪر
وَ
۽
اَ قِمِ
قائم ڪر
الصَّلٰوةَ
نماز
لِذِكْرِيْ 14
منهنجي ياد لاءِ.
20:15
اِنَّ
بيشڪ
السَّاعَةَ
قيامت
اٰتِيَةٌ
اچڻ واري آهي
اَكَادُ
ويجھو آهي جو
اُخْفِيْهَا
مان ان کي لڪايان
لِتُجْزٰى
ته جيئن بدلو ڏنو وڃي
كُلُّ
هر
نَفْسٍۢ
جيءَ کي
بِمَا
ان جو جيڪا
تَسْعٰي 15
هو ڪوشش ڪري ٿو.
20:16
فَلَا
پوءِ نه
يَصُدَّنَّكَ
روڪي توکي
عَنْهَا
ان کان
مَنْ
اهو جيڪو
لَّا
نٿو
يُؤْمِنُ
ايمان رکي
بِهَا
انهيءَ ساڻ
وَ
۽
اتَّبَعَ
انهيءَ پيروي ڪئي
هَوٰىهُ
پنهنجي خواهش جي
فَتَرْدٰى 16
پوءِ تون (به) برباد ٿي ويندين.
20:17
وَ
۽
مَا
ڇا آهي
تِلْكَ
اِهو
بِيَمِيْنِكَ
تنهنجي ساڄي هٿ ۾
يٰمُوْسٰى ١7
اي موسيٰ؟
20:18
قَالَ
هن (موسيٰ) چيو
هِىَ عَصَايَ ۚ
هيءَ منهنجي لٺ آهي
اَتَـوَكَّؤُا
مان ٽيڪ ڏيندو آهيان
عَلَيْهَا
هن تي
وَ
۽
اَهُشُّ
پن ڇاڻيندو آهيان
بِهَا
هن سان
عَلٰي غَنَمِيْ
پنهنجي ٻڪرين تي
وَ
۽
لِيَ
مون لاءِ
فِيْهَا
هن ۾
مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
ٻيا به ڪارڻ آهن.
20:19
قَالَ
هن (الله) چيو
اَلْقِهَا
اڇلاءِ ان کي
يٰمُوْسٰى 19
اي موسيٰ!
20:20
فَاَلْقٰىهَا
پوءِ جڏهن هن اها اڇلائي
فَاِذَا
ته اوچتو
هِىَ
اها
حَيَّةٌ
نانگ هئي
تَسْعٰي 20
ڊوڙندڙ.