012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
12:1
الۗرٰ ۣ
الٓرٰ
تِلْكَ
هي
اٰيٰتُ
آيتون آهن
الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ Ǻ ۣ
پڌري ڪتاب جون.
12:2
اِنَّآ
بيشڪ اسان
اَنْزَلْنٰهُ
نازل ڪيو آهي هن کي
قُرْءٰنًا
قرآن
عَرَبِيًّا
عربي (ٻوليءَ) ۾
لَّعَلَّكُمْ
ته جيئن
تَعْقِلُوْنَ Ą
توهان سمجھو.
12:3
نَحْنُ
اسان
نَقُصُّ
بيان ڪريون ٿا
عَلَيْكَ
تو تي (اي محمدؐ !)
اَحْسَنَ
بهترين
الْقَصَصِ
بيان
بِمَآ اَوْحَيْنَآ
پنهنجي وحيءَ ذريعي
اِلَيْكَ
تو ڏانهن
ھٰذَا
هي
الْقُرْاٰنَ ڰ
قرآن،
وَ
جڏهن ته
اِنْ
پڪ
كُنْتَ
هئين تون
مِنْ قَبْلِهٖ
هن کان اڳ
لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ Ǽ
البت بي خبرن مان.
12:4
اِذْ
(ياد ڪر) جڏهن
قَالَ
چيو
يُوْسُفُ
يوسف
لِاَبِيْهِ
پنهنجي پيءُ کي
يٰٓاَبَتِ
اي بابا!
اِنِّىْ
بيشڪ مون
رَاَيْتُ
ڏٺو (خواب۾)
اَحَدَ عَشَرَ
يارنهن
كَوْكَبًا
ستارن کي
وَّ
۽
الشَّمْسَ
سج
وَ
۽
الْقَمَرَ
چنڊ کي
رَاَيْتُهُمْ
مون انهن کي ڏٺو
لِيْ
پاڻ لاءِ
سٰجِدِيْنَ Ć
سجدو ڪندي.
12:5
قَالَ
هن (يعقوب) چيو
يٰبُنَيَّ
اي منهنجا پُٽڙا!
لَا
نه
تَقْصُصْ
بيان ڪجانءِ
رُءْيَاكَ
پنهنجو خواب
عَلٰٓي اِخْوَتِكَ
پنهنجي ڀائرن تي
فَيَكِيْدُوْا
نه ته هو رٿيندا
لَكَ
تنهنجي لاءِ
كَيْدًا ۭ
(بڇڙي) رٿ
اِنَّ
بيشڪ
الشَّيْطٰنَ
شيطان
لِلْاِنْسَانِ
انسان لاءِ آهي
عَدُوٌّ
دشمن
مُّبِيْنٌ Ĉ
پڌرو.
12:6
وَ
۽
كَذٰلِكَ
اهڙيءَ طرح
يَجْتَبِيْكَ
توکي پسند ڪيل ڪندو
رَبُّكَ
تنهنجو ربّ
وَ
۽
يُعَلِّمُكَ
توکي سيکاريندو
مِنْ تَاْوِيْلِ
تعبير ڪرڻ
الْاَحَادِيْثِ
ڳالهين (خوابن) جو
وَ
۽
يُـــتِمُّ
هو تُمّ ڪندو
نِعْمَتَهٗ
پنهنجي نعمت
عَلَيْكَ
توتي
وَ
۽
عَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ
يعقوب جي آل تي
كَمَآ
جيئن
اَتَمَّــهَا
هن تمّ ڪيو هو
عَلٰٓي اَبَوَيْكَ
تنهنجي پيءُ ڏاڏي تي
مِنْ قَبْلُ
هن کان اڳ
اِبْرٰهِيْمَ
ابراهيم
وَ
۽
اِسْحٰقَ ۭ
اسحٰق تي
اِنَّ
بيشڪ
رَبَّكَ
تنهنجو ربّ
عَلِيْمٌ
وڏي ڄاڻ وارو
حَكِيْمٌ Čۧ
ڏاڍو داناءُ آهي.
12:7
لَقَدْ
البت تحقيق
كَانَ
هيون
فِيْ يُوْسُفَ
يوسف ۾
وَ
۽
اِخْوَتِهٖٓ
سندس ڀائرن (جي قصي) ۾
اٰيٰتٌ
نشانيون
لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ Ċ
سوال پڇندڙن لاءِ.
12:8
اِذْ
جڏهن
قَالُوْا
هنن (پاڻ ۾) چيو
لَيُوْسُفُ
البت يوسف
وَ
۽
اَخُوْهُ
سندس ڀاءُ (بن يامين)
اَحَبُّ
وڌيڪ پيارا آهن
اِلٰٓي اَبِيْنَا
اسان جي پيءُ کي
مِنَّا
اسان کان
وَ
جڏهن ته
نَحْنُ
اسان
عُصْبَةٌ ۭ
هڪ (طاقتور) ٽولو آهيون
اِنَّ
بيشڪ
اَبَانَا
اسان جو پيءُ
لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِۨ Ďښ
البت پڌري غلطيءَ تي آهي.
12:9
اقْــتُلُوْا
توهان قتل ڪريو
يُوْسُفَ
يوسف کي
اَوِ
يا
اطْرَحُوْهُ
کيس اڇلايو
اَرْضًا
ڪنهن زمين ۾
يَّخْلُ
(ته) خالي ٿئي
لَكُمْ
توهان لاءِ
وَجْهُ
منهن
اَبِيْكُمْ
توهان جي پيءُ جو
وَ
۽
تَكُوْنُوْا
توهان ٿجو
مِنْۢ بَعْدِهٖ
ان کان پوءِ
قَوْمًا صٰلِحِيْنَ Ḍ
نيڪ ماڻهو.
12:10
قَالَ
چيو
قَاۗىِٕلٌ
هڪڙي چوندڙ
مِّنْهُمْ
انهن مان
لَا تَـقْتُلُوْا
نه قتل ڪريو
يُوْسُفَ
يوسف کي
وَ
۽
اَلْقُوْهُ
وِجھوس
فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ
ٻُٽي کوھ جي تري ۾
يَلْتَقِطْهُ
ته کڻي وڃي کيس
بَعْضُ السَّـيَّارَةِ
ڪوئي لانگھائو
اِنْ
جيڪڏهن
كُنْتُمْ
آهيو توهان
فٰعِلِيْنَ 10
ڪرڻ وارا.
12:11
قَالُوْا
چيائون
يٰٓاَبَانَا
اي اسان جا بابا!
مَالَكَ
ڇا ٿيو آهي توکي
لَا
(جو) نٿو
تَاْمَنَّا
امين سمجھين اسان کي
عَلٰي يُوْسُفَ
يوسف تي
وَ
حالانڪ
اِنَّا
پڪ اسان
لَهٗ
هن جا
لَنٰصِحُوْنَ 11
خيرخواھ آهيون.
12:12
اَرْسِلْهُ
تون هن کي موڪل
مَعَنَا
اسان سان
غَدًا
سڀاڻي
يَّرْتَعْ
ته هو (کليو) کائي
وَ
۽
يَلْعَبْ
راند ڪري
وَ
۽
اِنَّا
اسان بيشڪ
لَهٗ
هن جي
لَحٰفِظُوْنَ 12
حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.
12:13
قَالَ
هن (يعقوب) چيو
اِنِّىْ
بيشڪ مون کي
لَيَحْزُنُنِيْٓ
البت پريشان ڪري ٿي
اَنْ
اها (ڳالھ) ته
تَذْهَبُوْا بِهٖ
توهان وٺي وڃو کيس
وَ
۽
اَخَافُ
مان ڊڄان ٿو
اَنْ
(ان کان) جو
يَّاْكُلَهُ
کيس کائي وڃي
الذِّئْبُ
بگھڙ
وَ
هن حال ۾ جو
اَنْتُمْ عَنْهُ
توهان کانئس
غٰفِلُوْنَ 13
بي خبر هجو.
12:14
قَالُوْا
چيائون
لَىِٕنْ
البت جيڪڏهن
اَكَلَهُ
کيس کائي وڃي
الذِّئْبُ
بگھڙ
وَ
جڏهن ته
نَحْنُ
اسين
عُصْبَةٌ
هڪ (سگھارو) ٽولو آهيون
اِنَّآ
بيشڪ اسان
اِذًا
تڏهن
لَّـخٰسِرُوْنَ 14
پڪ نقصان وارا ٿينداسين.
12:15
فَلَمَّا
پوءِ جڏهن
ذَهَبُوْا بِهٖ
هو کيس وٺي ويا
وَ
۽
اَجْمَعُوْٓا
هنن پڪو ارادو ڪيو
اَنْ
ته
يَّجْعَلُوْهُ
هو کيس اڇلائين
فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ
کوھ جي تري ۾
وَ
۽
اَوْحَيْنَآ
اسان وحي ڪيو
اِلَيْهِ
هن ڏانهن
لَتُنَبِّئَنَّهُمْ
(ته) تون کين ضرور ٻڌائيندين
بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا
سندن هن ڪم بابت
وَ
جڏهن جو
هُمْ
هو
لَا
نه
يَشْعُرُوْنَ 15
سمجھندا هوندا.
12:16
وَ
۽
جَاۗءُوْٓا
هو آيا
اَبَاهُمْ
پنهنجي پيءُ وٽ
عِشَاۗءً
سومهڻيءَ جو
يَّبْكُوْنَ 16ۭ
روئندا.
12:17
قَالُوْا
چيائون
يٰٓاَبَانَآ
اي اسان جا بابا!
اِنَّا
بيشڪ
ذَهَبْنَا
اسان وياسين
نَسْتَبِقُ
(۽) ڊوڙ پڄائڻ لڳاسين
وَ
۽
تَرَكْنَا
اسان ڇڏيو
يُوْسُفَ
يوسف کي
عِنْدَ مَتَاعِنَا
پنهنجي سامان وٽ
فَاَكَلَهُ
ته کيس کائي ويو
الذِّئْبُ ۚ
بگھڙ
وَ
۽
مَآ
نه آهين
اَنْتَ
تون
بِمُؤْمِنٍ
اعتبار ڪندڙ
لَّنَا
اسان جي ڳالھ تي
وَلَوْ
۽ کڻي
كُنَّا
هجون اسان
صٰدِقِيْنَ 17
سچا.
12:18
وَ
۽
جَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ
آندائون هن جي قميص تي رت (هڻي)
كَذِبٍ ۭ
ڪوڙو
قَالَ
هن (يعقوب) چيو
بَلْ
بلڪ
سَوَّلَتْ
ٺاهي آهي
لَكُمْ
توهان لاءِ
اَنْفُسُكُمْ
توهان جي نفسن
اَمْرًا ۭ
هڪ ڳالھ،
فَصَبْرٌ
پوءِ صبر ئي
جَمِيْلٌ ۭ
ڀلو آهي.
وَ
۽
اللّٰهُ
الله کان (ئي)
الْمُسْتَعَانُ
مدد گھران ٿو
عَلٰي مَا
انهيءَ تي جيڪي
تَصِفُوْنَ 18
توهان بيان ڪريو ٿا.
12:19
وَ
۽
جَاۗءَتْ
آيو
سَيَّارَةٌ
قافلو
فَاَرْسَلُوْا
پوءِ هُنن موڪليو
وَارِدَهُمْ
پاڻي آڻيندڙ
فَاَدْلٰى
ته هن وڌو
دَلْوَهٗ ۭ
پنهنجو ڏول،
قَالَ
چيائين (ته)
يٰبُشْرٰي
واهه! خوشخبري آهي
ھٰذَا
هي (ته)
غُلٰمٌ ۭ
ڇوڪرو آهي.
وَ
۽
اَسَرُّوْهُ
هنن کيس لِڪايو
بِضَاعَةً ۭ
مال سمجھي.
وَ
۽
اللّٰهُ
الله
عَلِيْمٌۢ
ڀلو ڄاڻندڙ هو
بِمَا
ان کي جيڪي
يَعْمَلُوْنَ 19
هو ڪن پيا.
12:20
وَ
۽
شَرَوْهُ
هنن کيس وڪڻي ڇڏيو
بِثَمَنٍۢ
ملھ تي
بَخْسٍ
معمولي
دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ
(يعني) نالي ماتر چند درهمن ۾،
وَ
۽
كَانُوْا
هئا اهي
فِيْهِ
هن بابت
مِنَ الزَّاهِدِيْنَ 20ۧ
بيزارن مان.