100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
100:1
وَ
قسم آهي
الْعٰدِيٰتِ
ڊوڙندڙ گھوڙن جو
ضَبْحًا Ǻ ۙ
هانبارو هڻي.
100:2
فَالْمُوْرِيٰتِ
پوءِ چڻنگون ڪڍندڙن جو
قَدْحًا Ą ۙ
سنب هڻي.
100:3
فَالْمُغِيْرٰتِ
پوءِ حملو ڪندڙن جو
صُبْحًا Ǽ ۙ
صبح جي وقت.
100:4
فَاَثَرْنَ
پوءِ اٿارن ٿا
بِهٖ
تنهن وقت
نَقْعًا Ć ۙ
غبار.
100:5
فَوَسَطْنَ
پوءِ وچ ۾ ڪاهي ٿا پون
بِهٖ
ان وقت
جَمْعًا Ĉ ۙ
(دشمن جي) لشڪر ۾.
100:6
اِنَّ
بيشڪ
الْاِنْسَانَ
انسان
لِرَبِّهٖ
پنهنجي ربّ جو
لَكَنُوْدٌ Čۚ
ڏاڍو ناشڪرو آهي.
100:7
وَ
۽
اِنَّهٗ
بيشڪ هو
عَلٰي ذٰلِكَ
ان ڳالھ تي
لَشَهِيْدٌ Ċ ۚ
(پاڻ به) البت شاهد آهي.
100:8
وَ
۽
اِنَّهٗ
بيشڪ هو
لِحُبِّ الْخَيْرِ
مال جي محبت ۾ (به)
لَشَدِيْدٌ Ď ۭ
پڪ ڏاڍو سخت آهي.
100:9
اَفَلَا
ڇا پوءِ نٿو
يَعْلَمُ
هو ڄاڻي
اِذَا
جڏهن
بُعْثِرَ
ڪڍي ٻاهر ڪيو ويندو
مَا
جيڪي به
فِي الْقُبُوْرِ Ḍ ۙ
قبرن ۾ آهي؟
100:10
وَ
۽
حُصِّلَ
پڌرو ڪيو ويندو
مَا
جيڪي به
فِي الصُّدُوْرِ 10ۙ
سينن ۾ آهي.
100:11
اِنَّ
بيشڪ
رَبَّهُمْ
انهن جو ربّ
بِهِمْ
سندن (حال) کان
يَوْمَىِٕذٍ
ان ڏينهن
لَّخَبِيْرٌ 11ۧ
پڪ خوب باخبر هوندو.