010 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
لفظ بلفظ سنڌي ترجمو
لفظي ترجمو: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
10:1
الۗرٰ ۣ
الۗرٰ
تِلْكَ
هي
اٰيٰتُ
آيتون آهن
الْكِتٰبِ
ڪتاب
الْحَكِيْمِ Ǻ
دانائيءَ واري جون.
10:2
اَ
ڇا
كَانَ
آهي
لِلنَّاسِ
ماڻهن لاءِ
عَجَبًا
عجب (جي ڳالھ)
اَنْ
اها ته
اَوْحَيْنَآ
اسان وحي ڪيو
اِلٰى رَجُلٍ
هڪ ماڻهوءَ ڏانهن
مِّنْھُمْ
انهن مان
اَنْ
جو
اَنْذِرِ
تون خبردار ڪرين
النَّاسَ
انسانن کي
وَ
۽
بَشِّرِ
خوشخبري ڏئين
الَّذِيْنَ
انهن کي جن
اٰمَنُوْٓا
ايمان آندو (اها ته)
اَنَّ
بيشڪ
لَھُمْ
انهن لاءِ ئي آهي
قَدَمَ صِدْقٍ
مرتبو سچائيءَ جو
عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ
سندن ربّ وٽ،
قَالَ
چيو
الْكٰفِرُوْنَ
ڪافرن
اِنَّ
بيشڪ
ھٰذَا
هي (شخص ته)
لَسٰحِرٌ
پڪ جادوگر آهي
مُّبِيْنٌ Ą
پڌرو.
10:3
اِنَّ
بيشڪ
رَبَّكُمُ
توهان جو رب
اللّٰهُ
الله آهي
الَّذِيْ
اهو جنهن
خَلَقَ
خلقيو
السَّمٰوٰتِ
آسمانن کي
وَ
۽
الْاَرْضَ
زمين کي
فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ
ڇهن ڏينهن ۾
ثُمَّ
پوءِ
اسْتَوٰى
هو قائم ٿيو
عَلَي الْعَرْشِ
عرش تي
يُدَبِّرُ
اهو تدبير ڪري ٿو
الْاَمْرَ ۭ
هر ڪم جي،
مَا
نه آهي
مِنْ شَفِيْعٍ
ڪوئي سفارشي
اِلَّا
پر
مِنْۢ بَعْدِ
بنا
اِذْنِهٖ ۭ
هن جي اجازت جي،
ذٰلِكُمُ
اهو ئي آهي
اللّٰهُ
الله
رَبُّكُمْ
توهان جو رب
فَاعْبُدُوْهُ ۭ
پوءِ توهان سندس ئي عبادت ڪريو
اَ
ڇا
فَلَا
پوءِ به نٿا
تَذَكَّرُوْنَ Ǽ
توهان نصيحت پرايو؟
10:4
اِلَيْهِ
انهيءَ ڏانهن ئي
مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ
موٽڻو آهي سڀني کي
وَعْدَ اللّٰهِ
وعدو آهي الله جو
حَقًّاۭ
سچو،
اِنَّهٗ
بيشڪ اهو ئي
يَبْدَؤُا
پهرين ڀيري پيدا ڪري ٿو
الْخَلْقَ
مخلوق کي
ثُمَّ
وري
يُعِيْدُهٗ
اهو ئي ٻيهر جيئاريندو ان کي
لِيَجْزِيَ
ته جيئن بدلو ڏئي
الَّذِيْنَ
انهن کي جن
اٰمَنُوْا
ايمان آندو
وَ
۽
عَمِلُوا
عمل ڪيائون
الصّٰلِحٰتِ
صالح
بِالْقِسْطِ
انصاف سان.
وَ
۽
الَّذِيْنَ
اهي جن
كَفَرُوْا
ڪفر ڪيو
لَھُمْ
انهن لاءِ
شَرَابٌ
پيئڻ هوندو
مِّنْ حَمِيْمٍ
ٽهڪندڙ پاڻيءَ مان
وَّ
۽
عَذَابٌ
عذاب هوندو
اَلِيْمٌۢ
دردناڪ
بِمَا
انهيءَ ڪري جو
كَانُوْا
هئا اهي
يَكْفُرُوْنَ Ć
ڪفر ڪندا.
10:5
ھُوَ
اهو ئي آهي (الله)
الَّذِيْ
جنهن
جَعَلَ
بڻايو
الشَّمْسَ
سج کي
ضِيَاۗءً
روشن
وَّ
۽
الْقَمَرَ
چنڊ کي
نُوْرًا
نور ڀريو
وَّ
۽
قَدَّرَهٗ
مقرر ڪيائين ان جون
مَنَازِلَ
منزلون
لِتَعْلَمُوْا
ته جيئن توهان ڄاڻو
عَدَدَ
ڳڻپ
السِّـنِيْنَ
سالن جي
وَ
۽
الْحِسَابَ ۭ
حساب (به)،
مَا
ناهي
خَلَقَ اللّٰهُ
خلقيو الله
ذٰلِكَ
اهو (سڀ)
اِلَّا
پر
بِالْحَقِّ ۚ
حق سان
يُفَصِّلُ
هو کولي بيان ڪري ٿو
الْاٰيٰتِ
(پنهنجون) آيتون
لِقَوْمٍ
انهن ماڻهن لاءِ جيڪي
يَّعْلَمُوْنَ Ĉ
ڄاڻن ٿا.
10:6
اِنَّ
بيشڪ
فِي اخْتِلَافِ
(ڦري ڦري) اچڻ وڃڻ ۾
الَّيْلِ
رات
وَ
۽
النَّهَارِ
ڏينهن جي
وَ
۽
مَا
(ان ۾ به) جيڪو ڪجھ
خَلَقَ
خلقيو
اللّٰهُ
الله
فِي السَّمٰوٰتِ
آسمانن ۾
وَ
۽
الْاَرْضِ
زمين ۾
لَاٰيٰتٍ
(پڪ وڏيون) نشانيون (آهن)
لِّقَوْمٍ
انهن ماڻهن لاءِ
يَّتَّقُوْنَ Č
جيڪي پرهيزگار آهن.
10:7
اِنَّ
بيشڪ
الَّذِيْنَ
اُهي جيڪي
لَا يَرْجُوْنَ
نٿا اميد رکن
لِقَاۗءَنَا
اسان سان ملڻ جي
وَ
۽
رَضُوْا
اهي راضي آهن
بِالْحَيٰوةِ الدُّنْيَا
دنيا جي حياتيءَ سان
وَ
۽
اطْمَاَنُّوْا
اهي مطمئن آهن
بِهَا
انهيءَ سان
وَ
۽
الَّذِيْنَ
جيڪي
ھُمْ
اهي
عَنْ اٰيٰتِنَا
اسان جي آيتن کان
غٰفِلُوْنَ Ċۙ
بي خبر آهن.
10:8
اُولٰۗىِٕكَ
اُهي آهن
مَاْوٰىھُمُ
جن جو ٺڪاڻو
النَّارُ
باھ آهي
بِمَا
انهيءَ ڪري جيڪي
كَانُوْا
هئا اهي
يَكْسِبُوْنَ Ď
ڪمائيندا.
10:9
اِنَّ
بيشڪ
الَّذِيْنَ
اهي جن
اٰمَنُوْا
ايمان آندو
وَ
۽
عَمِلُوا
عمل ڪيائون
الصّٰلِحٰتِ
صالح
يَهْدِيْهِمْ
واٽ ڏيکايندو کين
رَبُّھُمْ
سندن پالڻهار (جنت جي)
بِاِيْمَانِهِمْ ۚ
انهن جي ايمان جي ڪري
تَجْرِيْ
وهنديون هونديون
مِنْ تَحْتِهِمُ
انهن جي هيٺان
الْاَنْهٰرُ
واهيون
فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ Ḍ
نعمتن وارن باغن ۾.
10:10
دَعْوٰىھُمْ
سندن دعا هوندي
فِيْهَا
انهن ۾
سُبْحٰنَكَ
پاڪ آهين تون
اللّٰهُمَّ
اي اسان جا الله
وَ
۽
تَحِيَّتُھُمْ
سندن کيڪار هوندي
فِيْهَا
انهن جي
سَلٰمٌ ۚ
سلام
وَ
۽
اٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ
سندن آخري دعا هوندي
اَنِ
هيءَ ته
الْحَمْدُ
سڀ تعريفون
لِلّٰهِ
الله جي لاءِ ئي آهن
رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ١0 ۧ
جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.
10:11
وَ
۽
لَوْ
جيڪڏهن
يُعَجِّلُ
تڪڙ ڪري ها
اللّٰهُ
الله
لِلنَّاسِ
انسانن لاءِ
الشَّرَّ
سختي ڪرڻ ۾
اسْتِعْجَالَھُمْ
انهن وانگر جيڪي تڪڙ ڪن ٿا
بِالْخَيْرِ
ڀلائيءَ ۾
لَقُضِيَ
(ته) البت پوو ڪيو وڃي ها
اِلَيْهِمْ
سندن
اَجَلُھُمْ ۭ
مقرر وقت،
فَنَذَرُ
پوءِ اسان ڇڏي ڏيندا آهيون
الَّذِيْنَ
انهن کي جيڪي
لَا
نٿا
يَرْجُوْنَ
اميد رکن
لِقَاۗءَنَا
اسان سان ملڻ جي
فِيْ طُغْيَانِهِمْ
پنهنجي سرڪشيءَ ۾
يَعْمَهُوْنَ 11
اهي حيران آهن.
10:12
وَ
۽
اِذَا
جڏهن
مَسَّ
پهچي ٿي
الْاِنْسَانَ
انسان کي
الضُّرُّ
تڪليف
دَعَانَا
(ته) هو پڪاري ٿو اسان کي
لِجَنْۢبِهٖٓ
پنهنجي پاسي ڀر (ليٽي)
اَوْ
يا
قَاعِدًا
ويٺڙ
اَوْ
يا
قَاۗىِٕمًا ۚ
بيٺڙ،
فَلَمَّا
پوءِ جڏهن
كَشَفْنَا
اسان هٽايون ٿا
عَنْهُ
ان کان
ضُرَّهٗ
سندس تڪليف
مَرَّ
(ته ائين) هليو ٿو وڃي هُو
كَاَنْ
ڄڻ ته
لَّمْ
نه
يَدْعُنَآ
پڪاريو هئائين اسان کي
اِلٰى ضُرٍّ
ان تڪليف (لاهڻ) لاءِ
مَّسَّهٗ ۭ
جيڪا کيس پهتي هئي،
كَذٰلِكَ
اهڙيءَ طرح
زُيِّنَ
سينگاريا ويا
لِلْمُسْرِفِيْنَ
حد کان لنگھندڙن لاءِ
مَا
جيڪي
كَانُوْا
اهي هئا
يَعْمَلُوْنَ 12
(بڇڙا) ڪم ڪندا.
10:13
وَ
۽
لَقَدْ
البت تحقيق
اَهْلَكْنَا
اسان برباد ڪيو
الْقُرُوْنَ
انهن امتن کي جيڪي
مِنْ قَبْلِكُمْ
توهان کان اڳ هيون
لَمَّا
جڏهن
ظَلَمُوْا ۙ
انهن ظلم ڪيو
وَ
۽
جَاۗءَتْھُمْ
آيا انهن وٽ
رُسُلُھُمْ
سندن رسول
بِالْبَيِّنٰتِ
پڌرين نشانين سان
وَ
۽
مَا
نه
كَانُوْا
ٿيا اهي
لِيُؤْمِنُوْا ۭ
جو ايمان آڻين ها،
كَذٰلِكَ
اهڙيءَ طرح
نَجْزِي
اسان سزا ڏيندا آهيون
الْقَوْمَ
انهن ماڻهن کي جيڪي
الْمُجْرِمِيْنَ 13
ڏوهاري آهن.
10:14
ثُمَّ
وري
جَعَلْنٰكُمْ
اسان بڻايو توهان کي
خَلٰۗىِٕفَ
جانشين
فِي الْاَرْضِ
زمين ۾
مِنْۢ بَعْدِهِمْ
انهن کان پوءِ
لِنَنْظُرَ
ته جيئن اسان ڏسون
كَيْفَ
(ته) ڪيئن
تَعْمَلُوْنَ 14
توهان عمل ڪيو ٿا.
10:15
وَ
۽
اِذَا
جڏهن
تُتْلٰى
پڙهيون وڃن ٿيون
عَلَيْهِمْ
انهن تي
اٰيَاتُنَا
اسان جون آيتون
بَيِّنٰتٍ ۙ
پڌريون
قَالَ
(ته) چون ٿا
الَّذِيْنَ
اهي جيڪي
لَا
نٿا
يَرْجُوْنَ
اميد رکن
لِقَاۗءَنَا
اسان سان ملڻ جي
ائْتِ
آڻ تون
بِقُرْاٰنٍ
ڪوئي (ٻيو) قرآن
غَيْرِ ھٰذَآ
هن کان سواءِ
اَوْ
يا
بَدِّلْهُ ۭ
بدلاءِ هن کي (ڪجھ)،
قُلْ
چئه (اي محمدؐ !)
مَا
نه
يَكُوْنُ
آهي (لائق)
لِيْٓ
مون لاءِ
اَنْ
هي ته
اُبَدِّلَهٗ
مان ان کي بدلايان
مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ
پنهنجي طرفان
اِنْ
نٿو
اَتَّبِعُ
مان پيروي ڪريان
اِلَّا
پر
مَا
انهيءَ جي جيڪو
يُوْحٰٓى
وحي ڪيو وڃي ٿو
اِلَيَّ ۚ
مون ڏانهن
اِنِّىْٓ
بيشڪ مان
اَخَافُ
ڊڄان ٿو
اِنْ
جيڪڏهن
عَصَيْتُ
مون نافرماني ڪئي
رَبِّيْ
پنهنجي پالڻهار جي
عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 15
تمام وڏي ڏينهن جي عذاب کان.
10:16
قُلْ
چئه (اي محمدؐ !)
لَّوْ
جيڪڏهن
شَاۗءَ
گھري ها
اللّٰهُ
الله
مَا
ته نه
تَلَوْتُهٗ
مان اهي پڙهان ها
عَلَيْكُمْ
توهان تي
وَ
۽
لَآ
نه
اَدْرٰىكُمْ
هو (الله) توهان کي خبر ڏئي ها
بِهٖ ڮ
ان جي،
فَقَدْ
پوءِ تحقيق
لَبِثْتُ
مان رهيو آهيان
فِيْكُمْ
توهان ۾
عُمُرًا
هڪ مدت
مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ
هن (نبوت جي دعويٰ) کان اڳ،
اَ
ڇا
فَلَا
پوءِ نٿا
تَعْقِلُوْنَ 16
توهان سمجھ رکو؟
10:17
فَمَنْ
پوءِ ڪير
اَظْلَمُ
وڏو ظالم آهي
مِمَّنِ
ان کان جنهن
افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ
الله تي ٺاهوڙ ٺاهيو
كَذِبًا
ڪوڙو
اَوْ
يا
كَذَّبَ
هن ڪوڙو ڪيو
بِاٰيٰتِهٖ ۭ
سندس ڳالهين کي؟
اِنَّهٗ
بيشڪ
لَا
نه
يُفْلِحُ
ڪامياب ٿيندا
الْمُجْرِمُوْنَ 17
ڏوهاري.
10:18
وَ
۽
يَعْبُدُوْنَ
هو عبادت ڪن ٿا
مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ
الله کي ڇڏي
مَا
انهيءَ جي جيڪو
لَا
نٿو
يَضُرُّھُمْ
نقصان پهچائي کين
وَ
۽
لَا
نه
يَنْفَعُھُمْ
اهو کين فائدو ڏئي ٿو
وَ
۽
يَقُوْلُوْنَ
هو چون ٿا
هٰٓؤُلَاۗءِ
اهي ماڻهو
شُفَعَاۗؤُنَا
اسان جا سفارشي آهن
عِنْدَاللّٰهِ ۭ
الله وٽ،
قُلْ
چئه (اي محمدؐ !)
اَ
ڇا
تُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ
توهان الله کي خبر ڏيو ٿا
بِمَا
انهيءَ جي جيڪي
لَا
نٿو
يَعْلَمُ
هو ڄاڻي
فِي السَّمٰوٰتِ
آسمانن ۾
وَ
۽
لَا
نه
فِي الْاَرْضِ ۭ
زمين ۾؟
سُبْحٰنَهٗ
اهو پاڪ آهي
وَ
۽
تَعٰلٰى
مٿانهون آهي
عَمَّا
ان کان جن کي
يُشْرِكُوْنَ 18
هو شريڪ بڻائين ٿا.
10:19
وَ
۽
مَا
نه
كَانَ
هئا
النَّاسُ
ماڻهو (اڳيان)
اِلَّآ
پر
اُمَّةً وَّاحِدَةً
هڪ ئي امت
فَاخْتَلَفُوْا ۭ
پوءِ هنن اختلاف ڪيو
وَ
۽
لَوْ
جيڪڏهن
لَا
نه (هجي ها)
كَلِمَةٌ
هڪ ڳالھ
سَبَقَتْ
جيڪا اڳواٽ (مقرر) ٿيل هئي
مِنْ رَّبِّكَ
تنهنجي رب جي طرفان
لَقُضِيَ
(ته) پڪ فيصلو ڪيو وڃي ها
بَيْنَھُمْ
انهن جي وچ ۾
فِيْمَا
انهيءَ ڳالھ بابت (جو)
فِيْهِ
جنهن ۾
يَخْتَلِفُوْنَ 19
اهي اختلاف ڪن ٿا.
10:20
وَ
۽
يَقُوْلُوْنَ
هو چون ٿا
لَوْ لَآ
ڇو نه
اُنْزِلَ
نازل ڪئي وئي
عَلَيْهِ
هن تي
اٰيَةٌ
ڪائي نشاني
مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ
سندس پالڻهار طرفان؟
فَقُلْ
پوءِ تون چوين
اِنَّمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ
غيب فقط الله لاءِ ئي آهي
فَانْتَظِرُوْا ۚ
پوءِ توهان انتظار ڪريو،
اِنِّىْ
بيشڪ مان (به)
مَعَكُمْ
توهان سان گڏ
مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ 20ۧ
انتظار ڪندڙن مان آهيان.