حمد ۽ ثنا ڪائنات جي خلقڻهار ۽ مالڪ الله ٻاجهاري کي جڳائي، جنهن جي واکاڻ لکڻ لاءِ جيڪڏهن جهانن جا سڀئي وڻ قلم بڻجي پون ۽ سمنڊ مَسُ ٿي پوي ۽ انهن جيڏا اڃا ٻيا به هجن تڏهن به پورا نه پئجي سگهندا. اڻ ميا ۽ اڪيچار درود ۽ سلام الله جي مـحبـوب پيغمبر حضرت محمد ﷺ تي، جنهن سهڻي سردار ﷺ سڀني جهان وارن کي قيامت تائين هدايت جي واٽ ڏيکاري.
پڙهندڙن لاءِ پڌرو هجي ته فضيلة الشيخ حافظ صلاح الدين يوسف حفظھ الله ۽ فضيلة الشيخ مولانا محمد عبدالجبار حفظھ الله جي قرآن مجيد جي ڪيل اردو ترجمي جو هي سنڌي ترجمو آهي. جيڪو ربيع الاول 1426هه بمطابق مئي 2005ع ۾ پهريون ڀيرو اداري دارالسلام جي مدير ۽ مهتمم جناب عبدالمالڪ مجاهد حفظھ الله ڇپرائي عام ڪيو. تنهنڪري قرآن پاڪ جي عربي عبارت جي خانن ۾ ورڇ، ورهاست ۽ سٽاءُ اردو مترجمين پاران ڪيل آهي. موجوده ترتيب ۾ قرآن پاڪ جا اردو ترجما، حافظ نذر محمد حفظھ الله، مولانا عبيدالله عبيد حفظھ الله، ۽ شاه رفيع الدين محدث دهلويؓ جا اڳ ئي موجود آهن. سيد شبير احمد شاهه رحمة الله عليھ جو ٻن رنگن ۾ اردو ترجمو به عام ۾ مقبوليت ماڻي چڪو آهي. ان کانسواءِ حضرت مولانا غلام مصطفيٰ دادوي رحمة الله عليھ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به شايع ٿيل آهي. هنن ترجمن ۾ سڀني قرآني لفظن ۽ حرفن جي معنيٰ ته اچي ويئي، پر تسلسل ۽ رواني مجروح ٿي آهي. جڏهن ته هن ترجمي ۾ دارالسلام جي عالمن ۽ ماهرن جي ٽيم قرآن جي سکندڙن جي سڀني گهرجن کي آڏو رکندي هن کي هونءَ ته خانن ۾ ئي آندو آهي پر خانن ٺاهڻ ۾ هر هڪ لفظ کي ڌار ڌار لکڻ ۽ ان جي معنيٰ بيان ڪرڻ بدران آيتن جي لفظن جي اهڙن ٽڪرن جي چونڊ ڪئي آهي، جن جي معنيٰ لکڻ ۾ قرآن جي مفهوم جي وضاحت ٿي ويئي آهي. ۽ ڌار ڌار ٽڪرن جي باوجود ترجمي جي رواني ۽ لاڳاپو به نٿو ٽٽي، جيڪا هن ترجمي جي سونهن ۽ امتياز آهي. سنڌي ترجمو ڪرڻ وقت پڻ اردو ترجمي وارين سڀني خوبين ۽ خاصيتن کي برقرار رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
اردو مترجمين هن قرآني ترجمي جي ضرورت بابت دليل ڏيندي لکيو آهي ته ”ترجمي جي گهرج ئي انهيءَ ڪري محسوس ڪئي وئي ته اڳوڻي تفسير وارو ترجمو لفظي ناهي. هن کان سواءِ اسان جي خيال ۾ به قرآن سمجهڻ لاءِ لفظي ترجمو ئي عوام لاءِ لاڀائتو ٿئي ٿو. بامحاوره ترجمي سان جيڪو الاهي ڪلام جي ترجماني هوندو آهي، وڌيڪ سولو ۽ دلپذير هئڻ سبب قرآن جو مفهوم ته آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو، پر هن آسان ترجمي کي وري وري پڙهڻ کان پوءِ به پڙهندڙ کي اها خبر نٿي پوي ته قرآن جي فلاڻي اکر جو ترجمو ڪهڙو آهي ۽ فلاڻي جو ڪهڙو؟ ائين سڄي حياتي قرآن پڙهڻ کان پوءِ به هو سڌو سنئون (ترجمي کان سواءِ) قرآن پڙهڻ جي لطف ، ان جي فهم ۽ ان جي اعجاز ۽ اثر انگيزيءَ کان محروم رهي ٿو. تنهن ڪري اها ڳالهه جيڪڏهن انسان ڪوشش ڪري ته لفظي ترجمي سان ته حاصل ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن بامحاوره، سولي ۽ دلپذير ترجمي سان نه ٿي ملي سگهي.“
اردو مترجمين هي به لکيو آهي ته ”قرآن جو لفظي ترجمو دنيا جو مشڪل ترين ڪم آهي.بامحاوره ترجمي ۾ لفظن کي اڳتي پوئتي ڪري سگهبو آهي، ۽ لفظن جو واڌارو به ڪري سگهبو آهي. جڏهن ته لفظي ترجمي ۾ اهي ٻئي سهولتون ناهن هونديون. هن ۾ ڪوشش اها هوندي آهي ته عربي لفظ جي هيٺان ان جو ترجمو اچي، جنهن ڪري هن ۾ اختصار ۽ جامعيت جو اهتمام ڪرڻ سان گڏ تفصيل ۽ اضافي کان بچڻ جو پڻ خيال رکڻو پوي ٿو. اهي ٻئي ڳالهيون هن ڪم کي ڏکئي کان ڏکيو ڪري ڇڏين ٿيون. ٻيو هي به ته قرآن ڪريم جي اکر اکر جو اهڙو ترجمو جيڪو هن جي مفهوم، اثر پذيري، اهميت ۽ اعجاز کي مڪمل طور تي پيش ڪري، ناممڪن آهي. لفظن جي بيهڪ، سٽاءُ ۽ چونڊ سان گڏ ڪنهن به ٻوليءَ جون سڀئي خوبيون الاهي ڪلام جي تاثير ۽ معنيٰ کي صحيح ۽ ڪامل طرح سان بيان ڪرڻ کان قاصر آهن.“
اسان سنڌي مترجم جي حيثيت ۾ اردو مترجمين جي هن ڳالهه کي ورجايون ٿا ته ”هن ترجمي کي اسان پنهنجي وس آهر بهتر کان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به اسين اها هام نٿا هڻي سگهون ته هي ترجمو ٻين سڀني ترجمن کان گهڻو بهتر آهي، ڇو ته ترجمي ۾ بهتر کان بهتر اسلوب اختيار ڪرڻ کان پوءِ به وڌيڪ سڌاري جي گنجائش رهندي آهي. اسان پنهنجي اوڻاين پوڻاين کي ڄاڻندي فقط ايترو چونداسين ته اسان ترجمي کي لفظن جي ويجهو رهندي جيترو آسان ۽ عام فهم ڪري سگهيا آهيون، ڪيو آهي، ته جيئن قرآن پاڪ کي سمجهڻ لاءِ هي ترجمو وڌ کان وڌ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي.“
اسان پنهنجي مربي ۽ محترم ڊاڪٽر امير بخش چنا صاحب جا ٿورا ڀانيون ٿا جن جي تحريڪ، مدد ۽ رهنمائي کان سواءِ هي قرآني ترجمو شايد دارالسلام جهڙي معياري اداري پاران شايع نه ٿي سگهي ها. والد محترم الحاج استاد عبدالحق رباني حفظھ الله تعاليٰ جن ترجمي تي نظر ثاني ڪري ڪيترين ئي غلطين جي تصحيح ڪرائي، جنهن لاءِ ڌ ڻي سڳورو ئي کين دنيا ۽ آخرت ۾ اجر عطا ڪندو. دارالسلام جي مدير ۽ مهتمم فضيلة الشيخ عبدالمالڪ مجاهد جا پڻ شڪرگذار آهيون، جن جي ذاتي جذبي ۽ دلچسپيءَ هن سنڌي قرآني ترجمي کي پڙهندڙن تائين پهچايو.
هن قرآن ڪريم جي عربي توڻي سنڌي متن کي درست رکڻ لاءِ ورائي ورائي ڌيان سان پڙهيو ۽ پڙهايو ويو آهي، تنهن هوندي به غلطيون رهڻ جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي، جيڪو اسان جي انسان هئڻ جو اهڃاڻ چئبو. جنهن لاءِ پڙهندڙن کي التجا آهي ته درگذر ڪندي غلطين جو اطلاع اداري کي ڪندا ته جيئن ٻئي ڇاپي ۾ تصحيح ڪري سگهجي. باقي هن ۾ جيڪي به خوبيون آهن، اهي سڀ الله ٻاجهه ڌ ڻيءَ جي احسان ۽ مهر سبب آهن. آخر ۾ دعا آهي ته شال مٺو مالڪ هن خطاڪار گنهگار تي پنهنجي فضل جو ڦيرو ڪري ۽ ٻئي جهان موچارا ڪري، آمين.
دعا جو طالب
انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
ڄامشورو
01-03-2012