مولانا عبدالسلام سومرو ايڊووڪيٽ جي پيدائش هڪ ديندار گهراڻي ۾ ٿي، هي پنهنجي والد عبدالرزاق سومرو جو وڏو پٽ آهي، 29-06-1986 ڇنڇر ڏينهن تقريبا 11:00 وڳي خانپور ضلع شڪارپور ۾ ڄائو. عصري تعليم: پرائمري ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو، ميٽرڪ ۽ انٽر خانپور هائير سيڪنڊري اسڪول، بي اي ۽ ايم اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي، ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم ايس ايم لاءِ ڪاليج جي ذريعي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
ديني تعليم: سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ مختلف مايه ناز عالمن وٽ پڙهيو، جن ۾ مولانا محمد عمر سهندڙو، مفتي حبيب الله شيخ، مولانا عبدالڪريم کھڙو، مولانا عبدالحميد مهر ڪنڊو واهڻ، مولانا عبدالواحد شيخ، مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو ۽ مولانا محمد ادريس سومرو جن سر فھرست آهن. 2008 ۾ وفاق المدارس العربیہ پاکستان جو نصاب پڙهي، عالميه جو امتحان پاس ڪري دستاربند عالم بڻيا. تنهن کان ٻن سالن جو تخصص ڪورس جامعہ عمر ڪراچي کان مڪمل ڪندي 2010 ۾ ٻيھر دستاربند ٿي عملي ميدان ۾ تدريس جو عمل پڻ جاري رکيو.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهن جڏهن ته ھاء ڪورٽ جي وڪيل طور سڃاڻپ به رکڻ ٿا.!!!
لفظي ترجمي جو تعارف
الله تعالي هدايت جو پيغام سڀني قومن ڏانهن انهن جي ٻولي ۾ موڪلڻ جو بندوبست فرمايو آهي، موجوده دور ۾ جڏهن ابلاغ جا ذريعا عام ٿيا آهن ته الله تعالي جي موڪليل آخري هدايت قرآن پاڪ جا ترجما پرنٽ جي صورت کان وٺي انٽرنيٽ/ موبائل ايپ جي صورت ۾ الله تعالي جي ٻانهن تائين پهچي رهيا آهن، سنڌ ۾ قرآن شريف جو پهريون سنڌي ترجمو الور جي حاڪم راجا مھروڪ پاران 240 هجري ۾ ڪرائڻ جو تاريخ ۾ حوالو ملي ٿو. الحمدللہ ان کانپوءِ مختلف وقتن تي مخدوم ابو الحسن سنڌي جي ڪيل چونڊ سورتن جي ترجمي کان وٺي مولانا عبدالسلام سومرو ايڊووڪيٽ جي هن لفظي ۽ بامحاوره ترجمي تائين سنڌي جي عالمن جا پڻ ڪيترائي ئي ترجما موجود آهن.
هن ترجمي جي خصوصيت
هن ترجمي جي هڪ وڏي خصوصيت هي آهي ته هن ترجمي جي پڙهڻ سان قرآن شريف جي تعليم ۽ مفھومن کي عربيدانيءَ سان سمجهڻ، سکڻ ۽ پڙهڻ جي لاءِ تمام گهڻي سولائي ٿئي ٿي، هي ترجمو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ شاھڪار ترجمو آهي، جنهن ۾ قرآن شريف جي هر لفظ کي الڳ الڳ رکي، ان جو الڳ الڳ لفظي ترجمو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن مڪمل آيت جو ترجمو پڙهيو وڃي ته هي هڪ مڪمل بامحاوره ترجمو به آهي، هي ترجمو 2017 کان 2025 تائين مسلسل 10 سالن کان وڏي تعداد ۾ ڇپجي رهيو آهي، هن جي مقبوليت جي ڪري هي ترجمو سنڌ جي بنيادي ترجمي مولانا تاج محمود امروٽي جي ترجمي سان گڏ 2018 کان وٺي ڇپجي رهيو آهي، هي ترجمو سنڌ جي مدرسن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بيحد مقبوليت ماڻي چڪو آهي