| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏهن ڌرتي ڏاڍي زور سان ڌوڏي ويندي |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ ڌرتي پنهنجي اندر وارا سمورا بار ٻاهر ڪڍي اڇلائيندي |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ انسان چوندو ته اهو ڇا ٿي رهيو اٿس؟ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
انهيءَ ڏينهن اها (ساڻس وهيل واپريل) حال احوال ڏيندي |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ڇو ته تنهنجي رب ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڏنو هوندو |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
انهيءَ ڏينهن ماڻهو ڌار ڌار ٿي موٽندا، تانته سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن ذرڙي جيتري به نيڪي ڪئي هوندي ته هو ان کي ڏسندو |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن ذرڙي جيتري به بــَـدي ڪئي هوندي ته هو ان کي ڏسندو |