القرآن الڪريم

قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو مڪمل ۽ آنلائن

نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح) بابت

نور القرآن سنڌ جي مشهور عالم مولانا حاجي احمد ملاح جو سنڌي ۾ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو آهي . سنڌي ٻولي کي اهو شرف حاصل آهي ، جو هي قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو آهي . مولانا حاجي احمد ملاح سڀ کان پهريائين قرآن پاڪ جي اخري پاره عم جو منظوم ترجمو ڪري ، دار الاشاعت حيدرآباد مان شايع ڪرايو ان کان پوءِ مولانا صاحب قرآن پاڪ جي سموري ترجمي کي سنڌي نظم جي سانچي ۾ پلٽي مڪمل ڪيو ، جنهن کي ارباب اله جڙيي خان ڦوٽو آفسٽ ڪراچي مان ڇپرايو انهيءَ ساڳي ترجمي کي 1978 ع مهران آرٽسٽ ڪائونسل سنڌ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان ڇپائي پڌرو ڪيو ، مهراڻ آرٽسٽ ڪائونسل وارتي ڇپائي جي منڍ ۾ سنڌ جي نامياري عالم علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب جو هڪ عالمانه مقدمو پڻ ڏنل آهي قرآن پاڪ جو هيءُ منظوم ترجمو 800 صفحن تي ڦهيليل آهي . تازو 1996 ع ۾ سعودي حڪومت جي شهزادي وليد بن طلال بن عبدالعزيز پنهنجي خرچ سان هن جو عڪسي ايڊيشن ڇپائي مفت تقسيم ڪيو آهي ، اسان هتي هن منظوم ترجمي جو علمي ۽ ادبي لحاظ کان جائزو ڇيو ٿا .


نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح) جي ترجمي کي پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو