القرآن الڪريم

قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو مڪمل ۽ آنلائن

پراجيڪٽ ۾ سهڪار

اسان انتهائي ٿورائتا آهيون ...

  • • سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي جي محترم فضل الرحمان جن جا جن علامه علي خان ابڙو جن جي ”ائين چيو الله“ نالي قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي سافٽ ڪاپي هن پروجيڪٽ لاءِ ڏياري موڪلي. ان کان علاوه پاڻ مولوي احمد علي ملاح جي منظوم ترجمي نورالقرآن جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ جي پڻ حامي ڀري آهي.
  • • پروجيڪٽ جي روحِ روان محترم رحيم بخش ڏاهري جن جا جن علامه عبدالوحيد جان سرهندي طرفان ڪيل قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي سافٽ ڪاپي ڏياري موڪلي
  • • محترم جن جا جن سيد فرمان علي طرفان ڪيل سنڌي ترجمي جي سافٽ ڪاپي ڏياري موڪلي

  • سندن طرفان نيڪي جي راهه ۾ حصو اٽڪائڻ لاءِ ڌڻي در دعاگو آهيون.

    هتي هڪ دفعو وري سمورن سنڌين کي گذارش آهي ته توهان به هن ڪارِ خير ۾ حصو وٺي آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ توهان هيٺين طرح مدد ڪري سگهو ٿا :

  • • پاڻ وٽ موجود سنڌي ترجمي جي سافٽ ڪاپي موڪليو
  • • پنهنجي طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ڪمپوز ڪري موڪليو
  • • يا مالي مدد طور سهائتا ڪريو

  • رابطي لاءِ برقي پتو: salamatsindh@gmail.com