القرآن الڪريم

قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو مڪمل ۽ آنلائن

احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري) بابت

مولانا ادريس ولد حاجي رب رکيو ڏاهري 17 سيپٽيمبر 1949 ع تي پنهنجي آبائي ڳوٺ لڳ مقيم ڏاهري ، تعلقو دولتپور ضلع نواب شاھ ۾ ڄائو . ابتدائي پرائمري ۽ ناظره قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين ، فارسيءَ جي تعليم مولانا خان محمد ڏاهري وٽ ۽ عربيءَ تعليم علامه محمد اڪتڙائي وٽ پڙهي ، مدرسه افضل المدارس ڳوٺ مقيم ڏاهريءَ ۾ درس نظامي جي سند حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو . ان سان گڏوگڏ ”مولوي فاضل عربي“ فرسٽ ڪلاس ۽ دوره حديث مدرسه رڪن الاسلام حيدرآباد ۾ پڙيائون . تنظيم المدارس جو اعليٰ امتحان پڻ ممتاز حيثيت سان ڪامياب ٿيو . مولانا محمد ادريس ڏاهري ظاهري علمن کان فراغت کان پوءِ نقشبندي سلسلي جي مشهور بزرگ خواجه الله بخش نقشبندي غفاري جي هٿ تي دست بيعت ٿي ، خلافت جو خرقو حاصل ڪيو ، پاڻ هن وقت درس ۽ تدريس سان وابسطه آهن . الله پاڪ کين مخوص انداز ۾ خطاب ڪرڻ جو ملڪو عطا ڪيو آهي .


احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري) جي ترجمي کي پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو