| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح دٻايو ويندو. |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا ۽ مردا) ڪڍي ٻاهر ڪندي. |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ هڪ انسان چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي؟ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
هن ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي، |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ڇو ته تنهنجي پروردگار کيس حڪم ڏنو هوندو. |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
ان ڏينهن ماڻهو گروھ گروھ ٿي (پنهنجن قبرن مان) اٿندا هن لاءِ ته پنهنجا عمل ڏسن. |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪئي ته ان کي ڏسندو. |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪئي ته ان کي ڏسندو. |