| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
زَمين زلزلي ۾، وَٺبي جنهن وار، |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ آڻي ٻَهر اُڇليا، ڀُون پَنهنجا بار، |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ ماڻهو مُنجِھي چوڻ لڳي، ته هِن سان ڪِهڙي ڪار؟ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
تڏهن خاڪ کُلي خبر ڏئي، ٻولي ٻول ٻِيهار، |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ته اِن پر آگي تُنهنجي، ڪَهيو کيس قهار، |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
تڏهن ماڻهو موٽڻ ماڳ تي، ڌُريون ڌاروڌار، ته پَسِ پورهيا پانهنجا، اَکيَن سان اِظهار، |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ چِک چَڱائـِي، جو ڪري، سا ڏسندو وَٽ ڏاتار، |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
پڻ لوڙِيندو لاچار، جو ڀور بَرابر بوڇ ڪري. |