القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الزِّلۡزَالِ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 8


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1)

جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح ڌڏايو ويندو

وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2)

۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ڪڍندي

وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3)

۽ ماڻهو چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي

يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4)

ان ڏينهن اها پنهجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي

بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5)

هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي حڪم ڪيو آهي

يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6)

ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عمل ڏيکارجن

فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7)

پوءِ جيڪو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي ڏسندو.

وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8)

۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي ڏسندو


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025