| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏهن زمين لرزائي ويندي جيئن ان جو لرزڻ مقرر ٿيل آهي. |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي. |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ انسان چوندو ته: ”ان کي ڇا ٿيو آهي“؟ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
ان ڏينهن اِها (مٿس رونما ٿيل) پنهنجون سڀ خبرون بيان ڪندي. |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ان ڪري جو تنهنجي پالڻهار ان کي حڪم ڪيو هوندو. |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
ان ڏينهن ماڻهو (پنهنجي مالڪ جي طرف) مختلف حالتن ۾ موٽندا جيئن سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن. |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن ذري برابر نيڪي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي اجر کي ڏسندو. |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن ذري برابر برائي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي بدلي کي ڏسندو. |