| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏهن زمين زور سان ڌوڏي ويندي، |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا يا مردا وغيره) ٻاهر ڪڍندي، |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
ماڻهو چوندو ته، ان کي ڇا ٿيو آهي. |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
ان ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي. |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڪيو هوندو. |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عملن جا نتيجا ڏيکارجن. |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي پَسندو. |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي پَسندو. |