| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جنهن وقت (قيامت اچڻ جي ڪري) زمين پنهنجي جنبش مطابق زور سان ڌُٻندي |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنهنجا وزن (بار) ٻاهر ڪڍندي |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ انسان (ڪافر) چوندو هن کي ڇا ٿيو آهي؟ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
ان ڏينهن زمين پاڻ تي ڪيل عمل ظاهر ڪندي |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ان لاءِ جو بيشڪ توهان جي رب ان کي اهو حڪم ڏنو هوندو |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
ان ڏينهن ماڻهو ڇڙ و ڇڙ ٿي (پنهنجي رب ڏانهن) موٽندا، ان لاءِ ته پنهنجا عمل ان کي ڏيکارين |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري بُرائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو |