| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي. |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي. |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي. |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي. |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو. |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن. |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو. |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو. |