| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏهن زمين زور سان ڌڏندي، |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنهنجي اندر جا بار ڪڍي ڦٽا ڪندي. |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ انسان چوندو ته ”هي ڇا ٿيو اٿس!“ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
ان ڏينهن هوءَ پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي. |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ڇو ته کيس سندس رب جو اهڙو حڪم ٿيندو- |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
ان ڏينهن ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٿي موٽندا، ته سندن عمل ڏسن. |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن ذري جيتري نيڪي ڪئي هوندي، سو ان کي ڏسندو. |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن ذري جيتري برائي ڪئي هوندي، سو ان کي ڏسندو! |