| إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
|
جڏهن زمين کي پنھنجي پوري شدت سان ڌوڏيو ويندو. |
| وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
|
۽ زمين پنھنجي (اندر جا) سمورا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي. |
| وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
|
۽ انسان (حيرت مان) چوندو ته هن زمين کي ڇا ٿي ويو آهي؟ |
| يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
|
پوءِ هوءَ پنھنجي مٿان گذريل سڀ احوال ٻڌائيندي. |
| بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
|
ڇوته تنھنجي پالڻھار ان کي حڪم ڏنو هوندو. |
| يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
|
پوءِ ان ڏينھن ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي ڪري موٽندا ته جيئن اُنهن کي سندن اعمال ناما ڏيکاريا وڃن. |
| فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنھن ماڻهوءَ ذري برابر به نيڪي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو. |
| وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنھن ماڻهو ذري برابر به برائي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو. |