القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡبَـیِّنَـۃِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 8


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1)

اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا (سي پنهنجي ڪفر کان) مڙڻ وارا نه هئا، جيستائين وٽن چٽو ثبوت نه اچي

رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2)

(يعني) الله وٽان هڪ رسول، جيڪو پاڪ صحيفا پڙهي ٻڌائي

فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3)

جن ۾ بلڪل سڌيون ڳالهيون لکيل هجن

وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4)

اڳي جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، انهن ۾ ڏڦيڙ پيدا نه ٿيو، پر هن کان پوءِ جو وٽن (سنئين واٽ جو) پڌرو بيان اچي چڪو هو

وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5)

۽ انهن کي ته اهوئي حڪم ڏنو ويو هو ته، الله جي ٻانهپ ڪن، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ لاءِ ئي ڪري، ٻيا سڀ در ڇڏي ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ڏين، اهوئي آهي نهايت صحيح ۽ سنئون سڌو دين

إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6)

اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي، اهي پڪ ئي پڪ جهنم جي باهه ۾ پوندا ۽ سدائين ان ۾ رهندا. اهي ماڻهو بڇڙي ۾ بڇڙي مخلوق آهن

إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7)

جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي بيشڪ ڀلي ۾ ڀلي مخلوق آهن

جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8)

سندن اجورو سندن رب وٽ سدائين رهڻ واريون جنتون آهن، جن جي هيٺان واهيون وهنديون ۽ هو انهن ۾ سدائين رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا. اهو سڀ ڪجهه آهي، انهيءَ شخص لاءِ جيڪو پنهنجي رب کان ڊنو هجي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025