لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1) |
اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا سي ايسيتائين (پنهنجن طريقن کان) باز اچڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ظاهر دليل نه اچي. |
رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2) |
(يعني) خدا جو رسول جي پاڪ ورق پڙهي ٿو (اچي). |
فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3) |
(۽) انهن ۾ (جي) پڪيون پڪيون ڳالهيون لکيل آهن (سي ٻڌائي) |
وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4) |
۽ (وڏي ڳالھ ته) اهل ڪتاب جدا جدا (تڏهن) ٿيا جڏهن وٽن کليل دليل اچي چڪو. |
وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5) |
انهن کي ته رڳو هي حڪم ڏنو ويو هو ته خالص سندس عقيدو رکي باطل کان پري رهي ڪري خدا جي عبادت ڪن. ۽ پابندي سان نماز پڙهن ۽ زڪوات ادا ڪندا رهن ۽ اهو ئي (سڌو سنئون ۽) سچو دين آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6) |
بيشڪ اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جي ماڻهو (اڃا تائين) ڪافر آهن سي دوزخ جي باھ ۾ (هوندا ۽) سدائين ان ۾ رهندا. اهي ئي ساري خلق کان تمام بڇڙا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيا سي ئي ساري خلق کان تمام چڱا آهن. |
جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8) |
ان جو بدلو سندن پالڻهار وٽ هميشه رهڻ (سهڻ) جا باغ (بستان) آهن. جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. خدا انهن کان راضي ۽ اهي خدا کان خوش. اهو بدلو خاص ان شخص لاءِ آهي جو پنهنجي پروردگار کان ڊنو. |