لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1) |
پَري ٿيا نه پاڻ ۾، جِن ڪَئـِي ڪُفر جِي ڪار، قائـِل ڪنهن ڪِتاب جا، پڻ پانڌوڙِي ٻِئي پار، تان اَچينِ حُجت اَلله وَٽان، |
رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2) |
ڪو مُرسل مڻيادار، پَڙهي پاڪ اُنهن، تي، ڪي نُسخا نُور نِبار، |
فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3) |
سَچا سَنِيها جن ۾، قائـِم بَرقرار، |
وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4) |
۽ قائـِل ڪِنهن ڪِتاب جا، دَڙي ٿيا نه ڌار، مگر آيون اُنهن کي، جڏهن نِشانيون نِروار، |
وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5) |
۽ اُنهن کي آڇيو، ڪُجھ نَه وِيو ڌاران هِن دَرڪار، ته آجا ٿِي اَلله کي، پُوڄِينِ ساڻ پِيار، مُنهن مالِڪ هيڪ ڏَي، بُتن کان بيزار، ۽ پُورو پَڙهنِ نماز کي، لَهنِ سَقِيمن سار، ۽ دِين اُهو دائـِمًا، پُورهيو پائيدار، |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6) |
سَچ ته صاحِب پاڪ کان، ڦِريا جي بِه فُجّار، ڪَنان اَهل ڪِتاب، جي پڻ جي ڀائـِينِ ڀائـِيوار، اُهي سَدا ساڪِن باھِ ۾، آهِين مَنجھ آزار، اُهي آهِن سارئَ خلق ۾، گھڻو خراب، خُوار، |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7) |
مَڃيو جِن مُورهِين، پڻ چڱا ڪيئون ڪم ڪار، اُهي آهِن سارِئَ خلق ۾ ، نِرمل نيڪو ڪار، |
جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8) |
آهي اَجر اُنهن جو، پَنهنجي پَروَر پار، بَرسِئل باغ بِهشت جا، وڻ سان، وڻ قطار، هَلنِ هيٺان اُن جي، گَـٺيون مَنجھ گُلزار، اُهي ساڪِن اُن سُکن ۾، سارِي سَڀ ڄَمار، سائـِين سَرهو اُنهن کان، اُهي سَرها کائنسِ سار، اِي هار، سَڀئـِي تِنهن هارِ، جو پَنهنجي پَروَر کان ڊنون. |