القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡبَـیِّنَـۃِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 8


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1)

اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي ايستائين (پنهنجي طريقن کان) جدا ٿيڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ظاهر دليل نه اچي

رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2)

جو الله جي طرفان اهڙو رسول آهي جو (انهن کي) پاڪ سورتون پڙهي ٻڌائي ٿو

فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3)

جن ۾ سڌا سنوان حڪم لکيل آهن

وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4)

۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي سي وٽن ظاهر دليل جي پهچڻ کانپوءِ ئي جدا جدا ٿي ويا. (ان ڪري انهن جي اصلاح لاءِ محمد جي ضرورت آهي)

وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5)

۽ انهن کي رڳو هن ڳالهه جو حڪم ڪيو ويو آهي ته اهي الله جي عبادت ڪن. ان لاءِ عبادت کي خالص ڪري ابراهيم جي رستي تي ٿي. ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين۽ اهوئي سڌي سنئين جماعت جو دين آهي

إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6)

بيشڪ جن اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باه ۾ پوندا ان ۾ پيا رهندا. اهي ئي سڄي خلق کان تمام بڇڙا آهن.

إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ئي ساري خلق کان تمام چڱا آهن

جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8)

انهن جو بدلو سندن پاليندڙ وٽ رهڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان واه وهن ٿا. انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اهو (وعده) ان لاءِ آهي جو پنهنجي پاليندڙ کان ڊنو


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025