لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1) |
اهل ڪتاب ۽ (مڪي جي) مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي ايستائين (پنهنجي اڳين خود ساخته مذهبي طريقن کان) خلاصا نه ٿي پئي سگهيا، جيستائين انهن وٽ (قرآن جي صورت ۾) ظاهر دليل نه اچي. |
رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2) |
(قرآن جنهن تي نازل ٿيو آهي، اهو) الله جي طرفان اهڙو رسول آهي جو (انهن کي هر قسم جي نقصن کان) پاڪ سورتون پڙهي ٻڌائي ٿو. |
فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3) |
جن ۾ (نه تبديل ٿيندڙ ۽ زندگيءَ جا مستقل) سڌا سنوان حڪم (۽ اصول) لکيل آهن. |
وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4) |
۽ جيڪي اهل ڪتاب هئا، تن کي واضح دليل اچڻ کان پوءِ (گهرجي ها ته قرآن تي ايمان آڻي انساني وحدت جي راهه هموار ڪن ها، پر انهن الٽو) فرقي بازي ڪري ورتي. |
وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5) |
حالانڪ انهن کي (قرآن ۽ اڳين آسماني ڪتابن جي ذريعي) رڳو هن ڳالهه جو حڪم ڪيو ويو آهي ته، اهي الله جي عبادت ۽ اطاعت ۾ اچن. ان لاءِ عبادت کي خالص ۽ خاص ڪري (ابراهيم جي دين حنفي واري) رستي تي جمع ٿين، ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهوئي (انسانيت جي ترقي ۽ فلاح جو) سڌو سنؤن دين آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6) |
بيشڪ (اهڙي چٽي حقيقت جي باوجود به) جن اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان ڪفر ڪيو (تباهيون انهن جو مقدر آهن) سي دوزخ جي باه ۾ پوندا، ان ۾ سدائين پيا رهندا. اهي ئي (انساني وحدت جا ٽوڙيندڙ عناصر) سڄي خلق کان تمام بڇڙا آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7) |
بيشڪ جن (الله جي قانونن تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا سي ئي سڄي خلق ۾ نسورو چڱا آهن. |
جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8) |
انهن جو بدلو سندن پاليندڙ وٽ رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان (مختلف مشروبن جا) واهه وهن ٿا. انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان (پنهنجي قانون تي هلڻ جي ادا کان) راضي ٿيو ۽ اهي ان کان (واعدو ڪيل ڀلو صلو ملڻ تي سرها ۽) راضي ٿيا. اهو (واعدو) ان لاءِ آهي جو (جنهن جي دل تي) پنهنجي پاليندڙ (جي عظمت) جو خوف طاري ٿيو. |