| لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1) | 
| 
			 اهلِ ڪتاب (يهودي ۽ نصاريٰ) ۽ مشرڪ (بُت پرست) پنهنجي مذهب کي ڇڏيندڙ نه هئا ايستائين جو انهن وٽ واضح دليل نه اچي  | 
			
			
				
| رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2) | 
| 
			 (يعنى) اهو رسول الله (ﷺ) جيڪو (انهن تي) پاڪ صحيفا پڙهي ٿو  | 
			
			
				
| فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3) | 
| 
			 انهن ۾ انصاف واري لکت آهي  | 
			
			
				
| وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4) | 
| 
			 ۽ نه فرقه بندي ڪئي اهلِ ڪتاب مگر ان کان پوءِ جو انهن وٽ واضح دليل پهتا  | 
			
			
				
| وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5) | 
| 
			 ۽ انهن کي نه حڪم ڪيو ويو مگر اهو ته اهي خالص عقيدي سان الله تعالى جي عبادت ڪن، (ٻين دينن کي ڇڏي) فقط دينِ اسلام ڏانهن مائل هجن ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهو دين سڌو دين آهي  | 
			
			
				
| إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6) | 
| 
			 بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب مان ۽ مشرڪن مان، اهي سڀ هميشه جهنم جي باه ۾ هوندا، اهي ئي سموري مخلوق کان وڌيڪ خراب آهن  | 
			
			
				
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7) | 
| 
			 بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، اهي ئي سموري مخلوق کان وڌيڪ بهتر آهن  | 
			
			
				
| جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8) | 
| 
			 انهن جي جزا انهن جي رب وٽ آهي اهي باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان نهرون وهنديون اهي هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا، اها جزا ان ماڻهو جي آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄي ٿو  |