القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡبَـیِّنَـۃِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 8


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1)

نه هئا ڪافر اهل ڪتاب مان ۽ مشرڪ (پنهنجي دين کان جدا) ٿيندڙ تانجو اچي انهن وٽ روشن دليل .

رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2)

الله وٽان رسول جيڪو پڙهي صحيفا پاڪ .

فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3)

انهن ۾ مضبوط احڪام لکيل آهن .

وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4)

۽ نه ٽولا ٿيا اهي جو ڏنا ويا ڪتاب مگر ان کان پوءِ جيڪو آيو انهن وٽ روشن دليل .

وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5)

۽ نه امر ڪيا ويا مگر تانته عبادت ڪن الله جي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين حق تي رهندڙ ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪواة ۽ اهو سچو دين آهي .

إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6)

بيشڪ جن ڪفر ڪيو اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جهنم جي باھ ۾ هوندا هميشہ رهندڙ ان ۾ اهي ئي مخلوق ۾ برا آهن .

إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهي ئي مخلوق ۾ ڀلا آهن .

جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8)

انهن جو بدلو سندن رب وٽ عدن جا بهشت آهن جو وهن پيون انهن جي هيٺان نهرون رهندڙ هوندا انهن ۾ هميشہ راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا ان کان اهو ان جي لاءِ آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄي ٿو .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025