القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡبَـیِّنَـۃِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 8


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1)

نه هئا اهي جن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان مڙڻ وارا، جيستائين انهن وٽ اچي ڪو روشن دليل

رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2)

يعني رسول الله جو پڙهي ٻڌائي کين پاڪ صحيفا

فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3)

جن ۾ لکيل هجن سنوان سڌا حڪم

وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4)

۽ نه هئا فرقا انهن ماڻهن ۾ اهلِ ڪتاب مان، پر هن کان پوءِ جڏهن ته آيو انهن وٽ چٽو دليل

وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5)

۽ نه حڪم ڪيو انهن کي ڪو ٻيو سواءِ ان جي ته بندگي ڪن الله جي بلڪه خالص ڪن پنهنجي دين کي، بلڪل هڪ مَنا ٿي وڃن ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏيندا رهن زڪواة ۽ اهو ئي دين صحيح ۽ درست آهي

إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6)

بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان، اهي دوزخ جي باهه ۾ (ضرور ويندا) هميشه ان ۾ رهندا، اهي ماڻهو بدترين مخلوق آهن

إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7)

بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل نيڪ ڪيا، اهي ئي يقينًا بهترين مخلوق آهن

جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8)

سندن بدلو سندن رب وٽ هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، هو هميشه ان ۾ رهندا، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي اهي ٿيا (الله) کان، اهو ان شخص لاءِ آهي جيڪو خوف رکي پنهنجي رب جو


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025