| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
|
اسان هن (قرآن) کي قدر واريءَ رات ۾ (يعني مخلوق جي تقدير مقرر ڪرڻ واري عظيم الشان رات ۾) نازل ڪيو آهي |
| وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته قدر واري رات ڇا آهي؟ |
| لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
|
قدر واري رات هزار مهينن کان وڌيڪ ڀلي آهي |
| تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
|
ملائڪ ۽ روح منجهس پنهنجي رب جي حڪم سان هر حڪم کڻي لهندا آهن |
| سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
|
اها رات سلامتي ئي سلامتي آهي، ويندي باکَ ڦٽڻ (اسر) تائين |