| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
|
بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي |
| وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي؟ |
| لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
|
قدر جي رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي |
| تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
|
سڀئي ملائڪ ۽ روح سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀ ڪنهن ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا |
| سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
|
اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (سراسر) سلامتيءَ واري آهي. |