| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
|
بيشڪ اسان ان (قرآن) کي وڏي شان واري رات ۾ نازل ڪيو. |
| وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته وڏي شان واري رات ڇا آهي؟ |
| لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
|
قدر واري رات هڪ هزار مهينن کان ڀلي آهي. |
| تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
|
ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان ملائڪ روح (الامين جبريل) لهندا آهن هر ڪم جي واسطي. |
| سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
|
اها رات سلامتي واري آهي پِرهه ڦُٽيءَ تائين. |