| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
|
بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي، (جڏهن دنيا وحي جي روشنيءَ کان محروم ٿي هوش وڃائي ويٺي هئي). |
| وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي. |
| لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
|
قدر جي اها رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي. |
| تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
|
سڀئي ملائڪ ۽ روح (حضرت جبرائيل) سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀڪنهن سپرد ڪيل ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا. |
| سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
|
اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (ساڳي صفت ۽ برڪت سان سراسر) سلامتي واري آهي. |