| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
|
بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي شبِ قدر ۾ نازل فرمايو |
| وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
|
۽ رسولِ عربي توهان کي ڪنهن ڄـاڻايو ته شبِ قدر ڇا آهي؟ |
| لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
|
شبِ قدر ته هزار مهينن کان ڀلي آهي |
| تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
|
انهيءَ رات ۾ فرشتا ۽ جبريل امين پنهنجي رب جي حڪم سان لهن ٿا |
| سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
|
انهيءَ رات ۾ پرهه ڦُٽيءَ تائين هر ڳالهه کان سلامتي آهي |