| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
|
بيشڪ اسان هن (قرآن) کي ”قدر جي رات“ لاٿو. |
| وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
|
۽ توکي ڪنهن سمجهايو، ته ”قدر جي رات“ ڇا آهي؟ |
| لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
|
.قدر جي رات“ هزار مَهِينن کان ڀلي آهي_ |
| تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
|
ان ۾ ملائڪ ۽ پاڪ روح سندن رب جي حڪم سان سڀني ڪمن لاءِ لهن ٿا- |
| سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
|
اها پرهه ڦٽڻ تائين سلامتيءَ واري آهي. |