| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
پڙهه (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي ساڻ جنهن پيدا ڪيو |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
رت جي دڳ مان انسان کي خلقيائين |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙهه ۽ تنهنجو رب ڏاڍو سٻاجهو آهي |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنهن قلم وسيلي علم سيکاريو |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
انسان کي اهو علم ڏنائين، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هو |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
ڪڏهن به نه، انسان بغاوت ٿو ڪري |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
ان ڪري جو هو پاڻ لاءِ ڀانئي ٿو ته کيس ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانهي |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
(حالانڪه) موٽڻو ته بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن ئي آهي |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڇا تو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو روڪي ٿو، |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
هڪڙي ٻانهي کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اهو (ٻانهو) هدايت تي هجي |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا پرهيزگاريءَ جي تلقين ڪندو هجي؟ |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن (اهو روڪڻ وارو شخص حق کي) ڪوڙو سڏيندو هجي ۽ منهن موڙيندو هجي؟ |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته الله ته ڏسي ٿو؟ |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
هرگز نه، جيڪڏهن هو باز نه آيو ته اسان سندس پيشانيءَ جي ڄــنڊن کان وٺي گــِــهلينداسونس |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
انهيءَ پيشانيءَ کي جيڪا ڪوڙي آهي، ڏوهي آهي |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀل سڏي وٺي پنهنجي حمايتين جي ٽولي کي |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسان به عذاب جي فرشتن کي سڏي وٺنداسون |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
ڪڏهن به نه، تون ان جي ڳالهه نه مڃ ۽ سجدو ڪر ۽ (پنهنجي رب جي) ويجهو ٿيءُ |