| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
(اي رسول) پنهنجي پروردگار جي نالي سان پڙھ (جنهن هر شيءِ کي) پيدا ڪيو آهي. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
انسان کي رت جي دڳ مان بڻايو اٿس. |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙھ! تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي. |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنهن قلم سان سيکاريو آهي. |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
انسان کي اهو ڪجھ سيکاريائين جنهن جي خبر ئي نه هيس. |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
خبردار ٿيو ته انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي ٿو وڃي. |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
جڏهن انسان پاڻ کي “غني” ٿو ڏسي. |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
بيشڪ تنهنجي پروردگار ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي. |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو آهي جيڪو روڪي ٿو. |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
هڪ بندي کي جڏهن اهو نماز پڙهي ٿو ته اهو (کيس) روڪي ٿو. |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڀلا ڏس ته اهو (خدا جو بندو) جڏهن سڌي راھ تي هجي. |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري (ته روڪڻ ڇا جو ۽ ڇو؟). |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن هن سچي کي ڪوڙو ڪيو ۽ (هن) منهن موڙيو ته (نتيجو ڇا نڪرندو). |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ڇا ان کي خبر نه آهي ته خدا پڪ ڏسي رهيو آهي. |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
خبردار ٿئي! جيڪڏهن نه مڙندو ته (کيس) ضرور چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسونس، |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
جا چوٽي ڪوڙي گنهگار جي آهي. |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي. |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسين به پنهنجن جلاد فرشتن کي سڏينداسون، |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
ڏسو! ڪڏهن به ان جو چيو نه مڃج ۽ سجدا ڪندو رھ ۽ قرب حاصل ڪندو رھ. |