| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
پَڙھ، پَنهنجي پالڻهار جي، نالي ساڻ نِبار، جوڙيا جِنهن جَھان ۾، سَڀ جِنسون ۽ جِنسار، |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
اُپايو اِنسان کي، ڄَر مان ڄاڻڻ هار، |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پَڙھ، ۽ پَروَر تُنهنجو، آهي ڪَرم ڌَڻِي ڪَلتار، |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
ڪانِي ڪانهن قلم سان، سيکاريو سَتّار، |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
سو سيکاريئـِين ماڻهئـِين، جِنهن جِي سُڌ نه هُيَنِ سار، |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
سَچ ته سَمجھيو پاڻ کي، جي ماڻهوءَ مالدار، |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
ته مُرڳو چَڙهندو مَٿڀرو، خُوءِ ۾ پَئـِي خُوار، |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
تُنهن جي پَروَر پار، آهي مُقرَر موٽڻو. |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڪِئين ٿو پَنهنجي قَلب م، تِنهن ڀُلئي کي ڀائـِين؟ ته بَندش بَندي تي وِجھي، سَجدي، کان سائـِين، |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
جَڏهن پَڙهيائـِين، نَمِي فَرض نماز جو. |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڳُوڙهو هِن ڳالھ تي، وَرتئـِي ڪو ويچار؟ جي هُوندو هِدايت تي، ثابِت هِي سَچار، |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
ڪِ پاڙي پَند پَرهيز جِي، آڇ ڪَيئن اِظهار، |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
تفاوت ٻي طرف جو، تورئـِي ڪو تڪرار، جي ڪوڙ ڪيائـِين پَڌرا، يا مُنهن موڙئـِين ٻئي پار، |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ڇا، ناهِسِ سُڌ سَنڀار، ته سَڀ ڪُجھ ڏِسي ڏيہ ڌڻي؟ |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
خَبردار، خَطا کان، جي بَس نه ڪندو بَدڪار، ته وَٺنداسون وارن ۾، جي نَيا سِر نِروار، |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
نِراڙ نِسورو ڪوڙ تي، کوٽو خطا ڪار، |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ وَرته وَهارن پانهنجي، ٻاڪاري ٻِيهار، |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
سِگھو سَڏِينداسون اَسِين، تڪڙو تُرت تيار، دَوزخ جي دربانن کي، قهر جن جِي ڪار، |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
لَڙھ تِنهنجي لَڳ نَه تون، هِنيون رَک هوشيار، ۽ جُھڪ اڳيون جَبّار، ۽ ويجھو ٿِي وِصال کي. |