| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر !) تون پنهنجي پاليندڙ جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙهه تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنهن قلم سان سيکاريو آهي |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
انسان کي اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
خبردار ٿي بيشڪ انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
هن ڪري جو هو پاڻ کي بي پرواه ڏسي ٿو |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
(اي پيغمبر) بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڀلا ٻڌاءِ ته جو (الله جي)ٻانهي (محمد) کي |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
سندس نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڀلا ٻڌاءِ اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا پرهيزگاري جو حڪم ڪندو |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
ڀلا ٻڌاءِ ته (نماز کان روڪڻ واري) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو ڪيو |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
۽ منهن موڙيو ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله ڏسي ٿو |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
خبردار ٿي جيڪڏهن نه جهلبو ته ضرور ان کي چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسون |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
جا چوٽي ڪوڙي گنهگار آهي |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسين به پنهنجي سپاهين کي سڏينداسون |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
خبردار متان ان جو چيو مڃين ۽ تون سجدو ڏي ۽ الله جي ويجهڙائي حاصل ڪر. |