| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
پڙهه پنهنجي پالڻهار جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
جنهن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو. |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙهه ۽ تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي. |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنهن قلم جي ذريعي (علم) سيکاريو. |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
جنهن انسان کي اُهو ڪجهه سيکاريو جيڪو هُو نه ڄاڻندو هيو. |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
خبردار! بيشڪ انسان سرڪشي ڪري ٿو. |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
هن ڪري جو اُهو پاڻ کي بي پرواهه ڏسي ٿو. |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
بيشڪ تنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻو آهي. |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو. |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
(الله جي) ٻانهي کي جڏهن اُهو نماز پڙهي ٿو. |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڀلا ڏس ته جيڪڏهن اُهو هدايت تي هجي ها. |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري ها (ته ڪهڙو نه چڱو هجي ها). |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
ڀلا ڏس ته جيڪڏهن ان ڪوڙو چيو ۽ مُنهن موڙيائين. |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ڇا نه ٿو ڄاڻي ته الله ڏسي رهيو آهي. |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
خبردار! جيڪڏهن اُهو باز نه آيو ته ضرور ان کي پيشاني جي وارن کان جهلي گهلينداسين. |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
اُها پيشاني جا ڪوڙي (۽) خطاڪار آهي. |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي. |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسان به جلد (عذاب جي) ملائڪن کي سڏينداسين. |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
خبردار! ان جو چيو نه مڃجانءِ ۽ سجدو ڪر۽ (اسان جي) ويجهو ٿيءُ. |