اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر!) تون پنهنجي پالڻهار جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي. (۽ پيدا ڪري اوسر جا سامان به عطا ڪيا اٿس). |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس (پوءِ انسان جي جسم ۾ سڌريل سرشتي سان رت کي گردش ڪرايو اٿس.) |
اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
پڙهه (جو وحي جي تعليم انسان ذات جو سمورو سرشتو سڌاري هلڻ جي ڪفيل آهي) تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي. (۽ ان انساني اوسر جا سامان فراوانيءَ سان بڻايا آهن انسان رڳو ان طرف متوجهه ٿئي). |
الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
جنهن قلم سان (مفيد شين جو لکڻ) سيکاريو آهي. |
عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
انسان کي (زندگيءَ جون سهولتون پسڻ لاءِ) اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو. |
كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
خبردار ٿي بيشڪ انسان (انهن سهولتن کي عياشيءَ جي حدن تي آڻي ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو. |
أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
هن ڪري جو هو پاڻ کي (وحي جي رهنمائي کان) بي پرواهه سمجهي ٿو |
إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر ڀلي هو ڪيتري به هٻڇ ۽ سرڪشي ڪري) بيشڪ (آخرڪار کيس) تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي. |
أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
ڀلا ان شخص جو حال ٻڌاءِ ته جو (الله جي) |
عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
ٻانهي کي سندس (اطاعت ڪرڻ ۽) نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو. |
أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
ڀلا ٻڌاءِ ته اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو. |
أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
يا (ٻين کي به ان) نيڪوڪاريءَ جو حڪم ڪندو. (ته ان کي روڪڻ ٺهي ٿو؟) |
أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
ڀلا ٻڌاءِ ته (الله جي عبادت ۽ نيڪوڪاريءَ کان روڪڻ وارو) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو (ڪرڻ جي پروپگنڊه) ڪندو وتي ۽ پاڻ به منهن موڙي. (ائين ڪرڻ ان کي جڳائي ٿو؟) |
أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله (جو مڪافات وارو قانون سندس سڀني حرڪتن کي) ڏسي ٿو. |
كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
پڪ ڄاڻي وٺ ته جيڪڏهن (پنهنجي فتني باز حرڪتن کان) نه رڪيو ته، ضرور ان کي مٿي جي وارن کان (جهلي) گهلينداسون. |
ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
جيڪو مٿو (الله جي قانونن کي) ڪوڙو ڪندڙ ۽ خطاڪار آهي. |
فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهريءَ وارن (حامين) کي سڏي. |
سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
اسين به پنهنجي سپاهين (يعني سخت عذاب ڪندڙ ملائڪن) کي سڏينداسون. |
كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
خبردار (اي رسول انهن سان ڪابه مفاهمت ٿيڻي ناهي) متان انهن جو چيو مڃين ۽ تون (پالڻهار جو) سجدو ڏي ۽ (الله جي) ويجهڙائي حاصل ڪندو وڃ. |